سياسي انتقام جو نشانو بڻائي روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو: نوين مرتضيٰ جتوئي

مارچ 28, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وفاقي وزير مرتضيٰ جتوئي جي گهرواري نوين مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو، نئون آءِ جي ايندي ئي گهر تي ڇاپو هنيو ويو

 ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي نوين جتوئي ڪراچي واري گهر تي پوليس جي چڙهائي جا تفصيل ٻڌايا، سندس چوڻ هو ته 20 کان 25 موبائيلن ۾ سوار پوليس اهلڪارن چڙهائي ڪئي،

هن چيو ته پوليس اهلڪار چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ عورتن سان بدتميزي ڪئي، ڪراچي سان گڏ موري واري گهر تي به چڙهائي ڪئي وئي

نوين چيو ته چونڊن جي ڏينهن پُٽ بلاول تي قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، پُٽ کي پوليس حوالي نه ڪنديس ۽ نه ئي گرفتار ٿيڻ ڏينديس،

هن خدشو ظاهر ڪندي چيو ته کيس خدشو آهي ته گرفتاري بعد پوليس پاران پُٽ کي قتل ڪيو ويندو

Leave A Comment