سياسي اٿل پٿل زور وٺي وئي، آصف زرداري جي لاهور ياترا

مَي 30, 2023

لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اڄ اسلام آباد کان لاهور پهچي رهيو آهي جتي هو پيپلزپارٽي پنجاب جي قيادت سان ملاقات ڪندو

آصف زرداري 2 ڏينهن لاهور ۾ ترسندو، پ پ قيادت ۾ 9مئي بعد سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي

آصف زرداري ايندڙ چونڊن جي حوالي سان به مشاورت ڪندو ، آصف زرداري جي چوڌري شجاعت حسين ۽ ٻين اڳواڻن سان به ملاقات جو امڪان آهي

ذريعن موجب آصف زرداري اهم شخصيتن جي پارٽي ۾ شموليت بابت ملاقاتون ڪندو ۽ اهم اجلاسن جي صدارت به ڪندو

آصف زرداري جي لاهور آمد جي موقعي تي ڏکڻ پنجاب مان اهم شخصيتن جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جا امڪان آهن

Leave A Comment