| سياسي بيانن تي مداخلت نٿي ڪري سگهجي: آئيني عدالت |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ۾ سهيل آفريدي خلاف باني پي ٽي آءِ جي آزادي لاءِ مبينا فورس ٺاهڻ بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل پاران مهلت جي استدعا تي ڪيس ملتوي ڪيو ويو. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سياسي بيانن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهجي، جيڪڏهن فورس ٺاهڻ بابت ڪو باقاعده نوٽيفڪيشن يا پڪا ثبوت موجود آهن ته پيش ڪيا وڃن. وڪيل پاران مهلت واري درخواست تي عدالت مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.