اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چونڊن ۾ ڌانڌلين جا بدترين الزام هڻندڙ اڳوڻو ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجي بيان تان ڦري ويو
اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي چيو ته مان هڪ سياسي پارٽي جي ورغلائڻ تي پنهنجو بيان ڏنو، منهنجو بيان غير ذميواراڻو عمل ۽ غلط بياني هئي، جنهن تي ڏاڍو شرمسار آهيان ۽ قوم کان معافي گهران ٿو
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته نوَ مارچ تي رٽائر ٿي رهيو هئس، هڪ سياسي جماعت جي عهديدار جي چوڻ تي اهڙو بيان ڏنو، اِهو عهديدار نوَ مئي وارن واقعن ۾ ملوث هجڻ سبب روپوش ٿي ويو هو، ان عهديدار جي ڳجهي مدد به ڪندو هئس، 11 فيبروري تي ڳجهي نموني لاهور وڃي ان سان ملاقات به ڪئي
لياقت علي چٺا چيو ته اڳواڻ مون کي چونڊن ۾ ڌانڌلي ثابت ڪرڻ واري منصوبي تي ڪم ڪرڻ جو چيو، جنهن جي عيوض مستقبل ۾ اعليٰ عهدي جو واعدو ڪيو ويو، پهرين مون کيس صلاح ڏني ته مان استعيفا ڏيان جنهن ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳائڻ جي ڳالهه شامل هجي، پر استعيفا جو گهڻو اثر نه ٿيڻ جي صورت ۾ جذباتي ڊرامي سان ڀرپور پريس ڪانفرنس جو فيصلو ڪيو
اڳوڻي ڪمشنر جو چوڻ هو ته ان سياسي اڳواڻ موجب، منصوبي کي سياسي جماعت جي اعليٰ قيادت جي ڀرپور حمايت حاصل هئي، ان سياسي اڳواڻ موجب، اعليٰ قيادت جي هدايت تي پلان ترتيب ڏنو ويو، چيف جسٽس جو نالو ڄاڻي واڻي شامل ڪيو ويو جنهن جو مقصد عوام کي چڙ ڏيارڻ هو
هن چيو ته پي ايس ايل جي پريس ڪانفرنس جو بهانو بڻائي ڀرپور ڊرامو ڪيو، پلان موجب آپگهات ۽ ڦاهي تي ٽنگي ڇڏيو جهڙيون ڳالهيون ڪيون
اڳوڻي ڪمشنر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته مون کي ڪڏهن اليڪشن ڪميشن سميت ڪنهن به ڌانڌلي جون هدايتون نه ڏنيون، ڪو به آر او ڪنهن عمل ۾ ملوث نه هو، پنهنجي ڪيل عمل تي شرمسار آهيان، پوري قوم خاص طور سمورن سرڪاري ملازمن کان معافي وٺان ٿو