ملڪ اندر سياسي يڪجهتي واري صورتحال ته نظر نٿي اچي پر ڀارت بعد افغانستان سان به لاڳاپا معمول وارا نه رهيا آھن. پاڪ افغان لاڳاپن ۾ لڳاتار ڇڪتاڻ وارو ماحول ڏسڻ لاء ملي رهيو آھي. پاڪ افغان لاڳاپا خراب ٿيڻ جو هڪ بنيادي سبب ته افغانستان کان پاڪستان اندر دهشتگردي جون ٿيندڙ ڪارروايون آھن، جنهن بابت پاڪستان مسلسل افغان اختيارين کان مطالبا ڪندو رهيو آھي ته افغانستان جي سرزمين کي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪيو وڃي. پاڪستان اهڙا مطالبا نه رڳو سفارتي سطح تي قائم لاڳاپن جي نظام ذريعي ڪندو رهيو آھي پر موجوده حڪومت جي وزيرن پاران مختلف وقتن تي افغانستان جي ڪيل دورن دوران به اهي مطالبا مسلسل ورجايا ويندا رهيا آھن پر افغانستان ۾ قائم طالبان حڪومت طالبان دهشتگردن کي نه رڳو روڪڻ ۾ ناڪام رهي آھي پر افغانستان مان پاڪستان وڃي دهشتگردي جون ڪارروايون ڪندڙ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان به پاسو ڪري رهي آھي. رڳو ايترو ئي نه پر پاڪستان کي ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي جون ڪارروايون به افغانستان کان ٿيڻ جون شڪايتون رهيون آھن، جن جا پاڪستان ثبوت به پيش ڪندو رهيو آھي. افغانستان حڪومت جي سردمهري واري رويي پاڪستان افغانستان وچ ۾ تعلقات کي ڪشيدگي واري صورتحال تي پهچائي ڇڏيو آھي. گذريل اربع ڏينهن تي پاڪ فوج جي ترجمان پاران ڪيل پريس ڪانفرنس به ان حوالي سان صورتحال واضح ڪري رهي آھي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو آھي ته پاڪستان ۾ ٿيل 27 حملن ۾ افغاني ملوث هئا. پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندڙن جو ڳڙھ افغانستان آھي. ڀارت ۽ افغانستان گڏجي سامهون اچن، انهن جو شوق پورو ڪنداسين. پاڪ فوج جي ترجمان جون ڳالهيون ٻڌائين پيون ته مامرو ڪيتري سنگين صورتحال تائين پهچي ويو آھي پر انهيء مامري سان پاڪستان جي هڪ صوبي سان سلهاڙيل مامرو پاڪستان جي سياست ۽ جمهوريت لاء غيرمعمولي مامرو ٿيندي نظر اچي رهيو آھي. پاڪ فوج جي ترجمان پاران گذريل اربع ڏينهن ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو آھي ته، ‘ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردن کي سياسي ماحول پيو ملي. دهشتگردن کان سيڪيورٽي پيا گهرن. ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردن لاء سازگار سياسي ماحول انتهائي خطرناڪ آھي. ڪي پي ڪي جو وزير اعلي` افغانستان کان مدد گهري ٿو. فوجي آپريشن نه ڪيو وڃي ته ڇا خارجين جي پيرن ۾ ويهڻو آھي؟ ڇا ھيبت الله طئه ڪندو ته ڇا ٿيندو، ڇا نه ٿيندو! ڪنهن جي سياست ڪنهن جي ذات پاڪستان کان مٿانهين ناهي، افغان طالبان ٽي ٽي پي کي تيار ڪن پيا. وار اڪانامي هلائڻ لاء دهشتگردي جي امداد ڪري رهيا آھن.
پاڪ فوج جي ترجمان جي مٿي ڏنل ڳالھ ٻولھ واضح ڪري رهي آھي ته ڪي پي حڪومت جو جهڪاءُ طالبان طرف محسوس ڪيو پيو وڃي. طالبان خلاف آپريشن جي مخالفت ان جهڪاءُ کي وڌيڪ ظاهر ڪري رهي آھي. اگر اهو تاثر درست ناهي ته ڪي پي ڪي حڪومت کي واضح موقف سان سامهون اچڻ گهرجي، ڇو ته ان طرح جا اختلاف مامري کي ڳنڀير ۽ تمام اڳتي پهچائي سگهن ٿا. نه رڳو ايترو پر اگر ڪي پي ڪي حڪومت سيڪيورٽي پاليسي اڳيان ائين رڪاوٽ سمجهي ويندي رهي ته عمران خان سوڌو پي ٽي آء جي گرفتار اڳواڻن جي آزادي ۽ پي ٽي آء جا مامرا حل ڪرڻ لاء حڪومت ۽ پي ٽي آء وچ ۾ ڳالهين جو سازگار ماحول ئي جڙي نه سگهندو. ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ڪي پي حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز وچم سيڪيورٽي پاليسي تي عملدرآمد ۾ اختلاف شديد ٿيل هجن ۽ وفاقي حڪومت پي ٽي آء سان ڳالهين جي ميز تي ويهي ان جي مشڪلاتن لاءِ ڪو رستو ڳولهيندي رهي. سياسي اختلافن جي حل لاء سياسي بالغ نظري سان اڳتي اچڻ ئي مسئلي جو حل آھي. انا جو مامرو مسئلي جي حل ۾ وڏي رڪاوٽ ٿيندو آھي. انا کي ڇڏي اڳتي اچڻ سان رستا نڪري سگهندا آھن. ٻئي صورت ۾ مامرا ڳنڀير ٿيندا آھن. هن وقت مخالف ڌر جون پارٽيون حڪومت ۽ پي ٽي آء وچ ۾ ڳالهين لاء زور ڀري رهيون آھن ۽ ان لاء ڪوششون به ڀرپور ٿي رهيون آھن. اسپيڪر به پي ٽي آء کي ڳالهين لاءِ ميڊيا ۾ بيانن بجاءِ واضح طور اچي ارادو ظاهر ڪرڻ تي سهولتڪاري ۽ ٻنهي ڌرين کي ڳالهين جي ٽيبل تي ويهارڻ لاء ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي. پي ٽي آء ڏسجي ته ڳالهين واري رستي تي اچڻ لاء اسپيڪر جي ان پيشڪش مان فائدو وٺي ٿي يا اڳ وانگر انهن کي آيو ويو ڪري ڇڏي ٿي.
ڏسجي ته ملڪ اندر سياسي عدم استحڪام غيرملڪي سيڙپڪاري اڳيان رڪاوٽ بڻيل رهيو آھي. پي ٽي آء جي باني عمران خان سميت پي ٽي آء جي قيادت جيلن ۾ هجڻ ڪري پاڪستان ۾ دنيا انصاف جي فراهمي تي آڱريون کڻي رهي آھي، جنهن سان دنيا ۾ رهندڙ ماڻهن جي اهڙي راءِ به ايندي رهي آھي، جيڪا پاڪستان جي ساک لاء بهتر نه آھي. اصل ۾ سياسي ڇڪتان سان پاڪستان لاء دنيا اندر انيڪ مسئلا پيدا ٿيندا رهيا آھن. سياسي ڇڪتاڻ ڪري دنيا جي سيڙپڪارن جي سرمائيڪاري اچڻ مشڪل هوندي آھي. اهڙي صورتحال ۾ حڪومتن کي سرمائيڪارن کي پرڪشش پيڪج ۽ ضمانتون ڏيڻيون پون ٿيون، جنهن ڪري اهڙي سرمائيڪاري جو ڪو گهڻو فائدو نه ٿي سگهندو آھي. ٻيو مسئلو اھو ته معاشي صورتحال خراب ٿي ويندي آھي. دنيا ۾ معاشي ماهر بار بار اهو چوندا رهيا آھن ته معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان سلهاڙيل آھي. اهو ئي سبب آھي ته اسان وٽ عرصي کان سياسي استحڪام نه هجڻ ڪري معاشي پائدار استحڪام نه اچي سگهيو آھي. سچ اهو آھي ته ان سموري صورتحال سبب ڀوڳڻو پاڪستان جي عام ماڻهوءَ کي پوندو آھي. سياسي، معاشي عدم استحڪام سبب سخت شرطن تي قرض وٺڻ هجي يا روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي هجي، انهن سبب پيدا ٿيل اثرن جي قيمت عام ماڻهن پئي ادا ڪئي آھي، بلڪل ائين، جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آھي ته، وڙهن سان لتارجن ٻوڙا. ائين پاڪستان ۾ سياسي ڇڪتاڻ جو نتيجو ڪنهن ڌر جي حق ۾ يا ڪنهن ڌر جي خلاف رهيو آھي پر اصل ۾ عام ماڻهن لاءِ انهن مامرن جو هڪ ئي نتيجو هوندو آھي، عام ماڻهن جي زندگي وڌيڪ مشڪلاتن، پريشانين جي ور چڙهي ويندي آھي ۽ عام ماڻهن لاء مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچندي رهي آھي. عام ماڻهن لاء اهڙي صورتحال ۾ جيئڻ مشڪل کان مشڪل ۽ زندگي مشڪلاتن جي گهري ڪن ۾ ڦاسندي ويندي آھي.