| سياسي ماڻهو هجن يا ڪو ٻيو ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ قومي ٻڌي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏبي: پاڪ فوج |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊي فينس فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 273هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس منقعد ٿي. فورم هٿياربند فوج، قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ معصوم شهري جي ايثال ثواب لاءِ فاتحي خواني ڪئي. فورم دهشتگردي جي واقعن ۾ پنهنجي جان قربان ڪندڙن ۽ غير ملڪي هدايت تي دهشتگردي کي فروغ ڏيندڙ دهشتگردن خلاف وطن جي دفاع ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. آرمي چيف ۽ چيف آف ڊي فنس فورسز پاڪستاني فوج جي غير متزلزل بهادري، پيشورانه مهارت ۽ قربانين، ملڪ ۾ انٽيليجنس بنياد تي دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪوششن کي ساراهيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته حڪومت ۽ فوج جي گڏيل ڪوششن ۽ عوام جي ثابت قدمي جي ڪري ملڪ آهستي آهستي استحڪام، وسيع موقعن ۽ عزت و وقار طرف وڌي رهيو آهي. فورم اندروني ۽ بيروني سلامتي جي صورتحال جو جامع جائزو ورتو ۽ ملڪ کي درپيش خطرن ۽ آپريشنل تيارين تي زور ڏنو. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن يقين ڏياريو ته ڀارتي سرپرستي هيٺ دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ مددگار کي بنا ڪنهن رعايت جي منهن ڏنو ويندو. فورم دهشتگردي، ڏوهن ۽ سياسي مفادن وچ ۾ ڳٺ جوڙ کي متفقه طور تي رد ڪندي چيو ته قوم جي اتحاد، سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي، چاهي اهي عناصر سياسي هجن يا ڪي ٻيا. فوج ۽ عوام جي وچ ۾ نفرتون پيدا ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. فورم بلوچستان حڪومت جي خاص ترقياتي ڪوششن کي ساراهيو، جيڪي مقامي سطح تي عوام کي بااختيار بڻائڻ ۽ سماجي رابطن ذريعي گورننس سان ڳڍيل دهشتگردي عناصرن کي ختم ڪن ٿا. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن قومي ايڪشن پلان مطابق ٻين علائقن ۾ به اِن طرح عوامي قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. فورم ڪشميري عوام جي حق خوداراديت ۽ جائز جدوجهد لاءِ پاڪستان جي ثابت قدمي جو اظهار ڪيو. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن فلسطين جي معاملي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي تصديق ڪئي. غزه ۾ فوري ۽ مستقل جنگ بندي، بنا رڪاوٽ انساني رسائي ۽ فلسطيني رياست لاءِ قابل اعتماد رستي جو مطالبو ڪيو. ڪانفرنس جي آخر ۾ آرمي چيف ۽ چيف آف ڊي فنس فورسز فيلڊر مارشل سيد عاصم منير ڪمانڊرز کي آپريشنل تياري، نظم و ضبط، تربيت، جسماني فٽنيس، نئين جدت ۽ ميدان جنگ ۾ پيشورانه مهارت جو بلند معيار برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي. آرمي چيف ۽ چيف آف ڊي فنس فورسز پاڪستان جي قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مستقل تحفظ ڪندي ڪنونشنل، سب ڪنونشنل، هائبرڊ ۽ غير متناسب چيلنجز کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت تي مڪمل اعتماد ظاهر ڪيو.