سياسي نظام ۾ استحڪام جي ضرورت

مَي 23, 2023

پاڪستان جي صدر عارف علوي عمران خان کي صلاح ڏني آهي ته 9 مئي جي واقعن جي کيس کلئي مذمت ڪرڻ گهرجي. صدر مملڪت جو چوڻ هو ته 9 مئي ۾ ملوث ماڻهن جي نه صرف مذمت ٿيڻ گهرجي پر انهن خلاف ڪارروائي به ٿيڻ گهرجي، پر ڪارروائي ۾ انساني حقن جو خيال رکيو وڃي ۽ مارڪٽ نه ٿيڻ گهرجي، انهن کي قانون مطابق سزا ڏيڻ گهرجي. صدر عارف علوي جو چوڻ هو ته عمران خان جنرل عاصم منير جي بطور آرمي چيف مقرري جي مخالفت نه ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته عمران خان چيو ته جنرل باجوه کي چئي ڇڏيو ته ادارو جنهن کي به آرمي چيف بڻائيندو، عمران ان کي قبول ڪندو. صدر مملڪت جي انهيءَ بيان کان اڳ هڪ دوست چيو هو ته پکي اڏامندا وڃن. پکين مان ان جي مراد تحريڪ انصاف ۽ شامل ميمبر هئا.

واقعي پکي اڏامي نون آکيرن جي ڳولا ۾ وڃي رهيا آهن. پکي نوان آکيرا ڇو تلاش ڪري رهيا آهن، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاڻ ئي چيو آهي ته سياسي ماڻهن تي اڄ تمام گهڻو دٻاءُ آهي، هر شخص دٻاءُ برداشت نٿو ڪري سگهي. سمجهڻ لاءِ آسان ڳالهه اها آهي ته جيستائين سياسي جماعتون، پارٽين ۾ شموليت لاءِ “اليڪٽ ايبلز” جي ڳولا ڪنديون رهنديون، پکي ان جي سياسي جماعت کي درپيش ڪنهن به امتحان جي صورت ۾ نوان آکيرا تلاش ڪندا. ايئن تمام گهٽ ٿيندو آهي ته مانوس پکي ترسي پوندا آهن. ڪراچي مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر علي زيدي جو چوڻ آهي ته جڏهن عمران خان پارٽي ڇڏيندو ته هو به پارٽي ڇڏي ڏيندو. علي زيدي جيڪب آباد جيل ۾ ناقابل برداشت حالت ۾ قيد آهي. ڪراچي مان ئي چونڊيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبر فردوس شميم نقوي جو چوڻ آهي ته پارٽي مان گند صاف ٿي رهيو آهي. جن کي وڃڻو آهي اهي ڀلي هليا وڃن، اسان خوشيءَ سان کين دروازي تائين ڇڏي اينداسين. پي ٽي آءِ جي اڳوڻي صوبائي ميمبر کان جڏهن پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته ڇو نه ڇڏينداسين، هاڻي ڪسر ئي ڪهڙي رهجي وئي آهي.

سموريون سياسي جماعتون ان مرض جو شڪار ٿي ويون آهن ته “اليڪٽ ايبلز” پارٽي ۾ آندا وڃن ۽ انهن کي ئي اميدوار نامزد ڪيو وڃي. اها هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ آهستي آهستي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تمام مهانگو سودو ٿي ويو آهي. اها هڪ قسم جي سرمائيڪاري آهي. ڪو زمين جو ٽڪرو خريد ڪري سرمائيڪاري ڪندو آهي، ڪو شيئرز خريد ڪري سيڙپ ڪندو آهي ته ڪيترائي ماڻهو سياسي جماعتن ۾ سرمائيڪاري ڪندا آهن. آزد ڄمون ڪشمير جي تازو وزارت عظميٰ جي عهدي تان فارغ ٿيندڙ سردار يعقوب اعتراض ڪيو آهي ته هن عمران خان جي چوڻ تي پارٽي ۾ پئسا لڳايا هئا. “اليڪٽ ايبلز” به هر پارٽيءَ ۾ نٿا وڃن، اهي اهڙي پارٽين جي چونڊ ڪن ٿا، جن جي قيادت عوام لاءِ پرڪشش هوندي آهي، عوام ان جي سحر ۾ گرفتار هوندو آهي. جيڪي ماڻهو سرمائيڪاري ڪن ٿا يا پارٽي ۾ پئسا ٺاهڻ لاءِ يا عهدو حاصل ڪرڻ لاءِ شامل ٿيندا آهن،

اهي قيادت يا پارٽي سان گهٽ ئي وفادار هوندا آهن. پارٽي جڏهن ڪنهن مشڪل جو شڪار ٿيندي آهي ته پکي به اڏامي ويندا آهن. اهو ته سياسي جماعتن جي قيادت جي سوچڻ جو ڪم آهي ته ڪهڙي ريت ماڻهو پارٽي ۾ شامل ڪيا پيا وڃن يا ڪهڙي قسم جي ماڻهن کي پارٽي ۾ هجڻ گهرجي. پاڪستان ۾ سياسي جماعتون نظرياتي ناهن، انهن ۾ شامل ٿيندڙ ته ڪنهن به انداز سان نظرياتي ناهن. عمران خان جي پارٽي ڊگهي عرصي تائين عوام جي قبوليت جي جدوجهد ڪندي رهي. پهرين هڪ ڀيرو صرف عمران خان چونڊجي سگهيو. ان کانپوءِ سن 2013ع کان سن 2018ع دوران ڪجهه ماڻهو چونڊجي سگهيا هئا. 2018ع ۾ ايترا ماڻهو چونڊجي آيا جو عمران خان جو حوصلو وڌيو ته وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏائي پارٽي اقتدار ۾ اچي ويندي ۽ ايئن ئي ٿيو. ان صورت ۾ پارٽي کي مقتدر حلقن جي عملي مدد جي ضرورت هئي،

جنهن کانپوءِ ئي پارٽي ان قابل ٿي سگهي هئي جو اقتدار ۾ اچي سگهي ۽ عمران خان وزيراعظم چونڊجي وڃي. بلڪل ائين ئي جيئن ذوالفقار علي ڀٽي جي وقت ۾ ٿيو هو. محمد خان جوڻيجو ته هو ئي “ڪنگ” جو ماڻهو. بينظير ڀٽو کي به بادشاهه گرن جي مدد جي ضرورت هئي. نواز شريف کي هر ڀيري بادشاهه گر مدد جي ضرورت رهي. ظفرالله جمالي هجي يا شوڪت عزيز، اهي ته بادشاهه جا ئي نامزد ڪيل ماڻهو هئا. يوسف رضا گيلاني کي پيپلز پارٽي جي مدد کانسواءِ بادشاهه گرن جي مدد جي به ضرورت هئي. ان جي قسمت زورآور هئي، نه ته آصف زرداري ته محترم امين فهيم جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو هو ته هي مستقبل جو وزيراعظم آهي. ڪنهن مرحلي تي آصف زرداري کي ذهن ۾ آيو ته جڏهن هو پاڻ ئي بادشاهه گر آهي ته هو پاڻ صدر پاڪستان ڇو نه ٿئي ۽ ايئن ئي ٿيو.

سياسي جماعتن ۾ نالي ماتر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي هوندي ضرور آهي پر هيستائين ڏٺو اهو ويو آهي ته اها صرف ها ۾ ها ملائڻ لاءِ هوندي آهي. انهن کي بجيٽ کانپوءِ فيصلو صادر ڪرڻ جو اختيار ئي نه هوندو آهي. بينظير ڀٽو جي دور ۾ چيو وڃي ٿو ته راءِ بينظير جي ئي هوندي هئي ۽ اتفاق سڀني جو هوندو هو. پارٽي جي قيادت اهو سمجهي ٿي ته جيڪي ماڻهو به چونڊجي اچن ٿا، اهي قيادت طرفان نامزدگي کانپوءِ ئي چونڊجن ٿا. کين اها ضرورت هوندي آهي ته اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪيو وڃي جنهن تان اهي چونڊجي سگهن ۽ پنج سال پارٽي سان رهن ته جيئن پنهنجي مفادن جي حصول لاءِ ڪم ڪري سگهن. پارٽي جيڪڏهن اقتدار ۾ اچي وئي ته وارا نيارا، نه ته اهي اسيمبليءَ ۾ ئي رهندا. تحريڪ انصاف مان پکين جو اڏامي وڃڻ پاڪستاني سياست لاءِ نئين ڳالهه ناهي.

1977ع ۾ مارشل لا جي نفاذ ۽ ڀٽي جي ڦاسيءَ کانپوءِ پارٽي جي وڏن وڏن اڳواڻن وفاداريون تبديل ڪيون هيون. ممتاز ڀٽو، عبدالحفيظ پيرزادو، رفيع رضا، مبشر حسن، رائو رشيد، ڪوثر نيازي، حنيف رامي، ملڪ معراج خالد ۽ ٻيا ته پهرين ئي پارٽي کي خير باد چئي چڪا هئا. 1984ع کانپوءِ ڀٽي جي ذاتي دوست، ۽ پهرين ڏينهن کان پارٽي سان وابسته، سنڌ جي وڏي زميندار، پارٽي جي وزيراعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئي کي 1988ع جي چونڊن کان اڳ پارٽي جي لاءِ زيرو زيرو حيثيت رکندڙ قرار ڏنو ويو هو پارٽي قيادت جي نظر ۾ هو مشڪوڪ ٿي ويو هو ۽ پوءِ ان عتاب هيٺ آيو ته هو جنرل ضياءُ سان ساز باز ڪري وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو. 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف طرفان آندل تبديلي کانپوءِ نواز ليگ کي به اهڙي صورتحال درپيش هئي. پکي پارٽي مان اڏامندي پئي ويا. پيپلز پارٽي تي مشتمل پيٽرياٽ گروپ جوڙيو ويو هو، جنهن ۾ فيصل حيات ۽ رائو سڪندر اقبال ۽ ٻيا شامل هئا.

رائو سڪندر کي ته مشرف وزير دفاع مقرر ڪري ڇڏيو هو. ان جو شمار “اليڪٽ ايبلز” ۾ ٿيندو هو. اهو 1988ع ۾ چونڊجي بينظير جي ڪابينا ۾ وفاقي وزير مقرر ٿيو هو. انسان جون ذاتي ضرورتون، نفسياتي ڪيفيتون وغيره ان کي سياسي سوچ تبديل ڪرڻ کانسواءِ سياسي جماعت تبديل ڪرائي ڇڏينديون آهن. ڪٿي لالچ، ڪٿي خوف، ڪڏهن ڌمڪي وغيره انسان کي وفاداري تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جو سبب بڻجي وينديون آهن. ان رويي کي تبديل ڪرڻ لاءِ سياسي جماعتن جي قيادت کي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ صبر کان ڪم وٺڻو پوندو. ان صورت ۾ پاڪستان جي سياسي نظام ۾ استحڪام پيدا ٿيندو.

پيپلز پارٽي ۾ ته قيادت ڪنهن کي به جانشين نامزد نه ڪيو هو. توڙي جو معراج محمد خان ۽ ملڪ غلام مصطفيٰ کر لاءِ باقاعدي ڀٽي اعلان ڪيو هو پر انهن کي باضابطه جانشين نه بڻايو ويو. ڀٽي جي موت کانپوءِ بيگم نصرت ڀٽو قائم مقام جانشين مقرر ٿي. بعد ۾ بينظير ڀٽو پنهنجي والده جي جاءِ تي پارٽي سربراهه مقرر ٿي وئي. نواز شريف به اڄ تائين پنهنجي جانشين جو باضابطه اعلان ناهي ڪيو. سندس صاحبزادي مريم نواز پارٽي جي مرڪزي آرگنائيزر مقرر ٿي وئي آهي.

شهباز شريف مجبوري جي حالت ۾ وزيراعظم بڻايو ويو. جيڪڏهن نواز شريف جي صاحبزادي قومي اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي ها ته اها ئي وزيراعظم مقرر ٿئي ها. آصف زرداري کي اعلان جي ضرورت ئي ناهي، جو، ان جو موڀي پٽ بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي جو چيئرمين آهي. تحريڪ انصاف جي ڍانچي ۾ به اهڙي ڪا گنجائش ناهي ته ڪنهن کي نظر اچي ته پارٽي جي متبادل قيادت ڪير ڪندو. شاهه محمود قريشي، اسد عمر، چوڌري پرويز الاهي، چوڌري مونس الاهي يا ڪو ٻيو. موجوده حالتن ۾ عمران خان جي سياسي مستقبل جي باري ۾ حتمي ڳالهه ڪوبه نٿو ڪري سگهي. عمران خان جو امڪاني نااهل ٿيڻ، ان کي امڪاني سزا وغيره جي صورت ۾ هو نااهل ٿي سگهي ٿو. جڏهن ڪوبه نه هوندو ته پارٽي کي ختم ٿيڻ ۾ گهڻي دير لڳندي؟

Leave A Comment