آمريڪا جو ھفتيوار رسالو “نيوز ويڪ” پنهنجي دور ۾ “ٽائيم” ميگزين جي ٽڪر جو رسالو سمجھيو ويندو ھو. نيوز ويڪ پنهنجي ملينيم ايڊيشن ۾ سائنسي تاريخ جي جن چئن شين کي انسان ذات لاءِ بيحد نقصانڪار قرار ڏنو ھو، انهن ۾ پلاسٽڪ، ڄم روڪ جي گوري، ٽيليويزن ۽ اھا انجڻ شامل ھئي، جيڪا پيٽرول ۽ ڊيزل تي ھلندي آھي. نيوز ويڪ جي سروي مان نڪتل ان نتيجي سان ڪنهن کي اختلاف به ٿي سگھي ٿو پر اھا حقيقت آھي ته ننڍڙيون ننڍڙيون ايجادون اخلاقيات جي حوالي سان تڪرار جو باعث بڻجي سگھن ٿيون. مثال طور بک سبب روئيندڙ ٻار کي وقتي طور تي چپ ڪرائڻ لاءِ ايجاد ڪيل چوسڻي معنيٰ نپل جي ايجاد معصوم ٻارن سان ھئو ته ھڪ دوکو پر ھن مھل تائين ان ايجاد تي ان طرح سان اعتراض نه واريو ويو آھي. ننڍن ٻارن جي وات ۾ نپل وجھي، ان کي ٿوري دير ماٺ ڪرائڻ وارو عمل انساني اخلاقيات جي فلسفي ۾ فٽ ٿي سگھي ٿو يا نه پر ڪجھ سرڪارون معصوم عوام لاءِ رٻڙ جي ان نپل جھڙو ڪردار ادا ڪنديون آھن، جيڪا عوام جي اڃ بک کي ختم ته نه ڪري سگھندي آھي پر ان کي وقتي طور تي ماٺ ضرور رکندي آھي.
پاڪستان جو مجموعي سياسي سيٽ اپ مٿين علامت جو عڪس پيش ڪري ٿو پر سنڌ ۾ جنهن پيار ۽ پاٻوھ سان، جمھوريت جي شھيدن جي قافلي ۽ ان قافلي جي عظيم سرواڻن جي قربانين جي حوالي سان جيڪو مخصوص سياسي ماحول جوڙيو ويو آھي، ان جون جڙون سنڌي ماڻھن جي سادگي ۽ سچائيءَ ۾ کتل آھن. سنڌ کي سالن جا سال اھو پڪو پختو ويساھ ھو ته پيپلز پارٽي انهن سان دوکو نه ڪندي. ظاھر آھي ته اھڙو ويساھ پنهنجو پاڻ پيدا نه ٿيو ھو. ان ويساھ جي بنياد ۾ پارٽيءَ جي باني چيئرمين جون اھي عوامي انداز ۾ ڪيل اھي “تقريران” به ھيون، جيڪي ھو لاڙڪاڻي لھجي واري سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪندو ھو. جڏھن ھن کي چيو ويندو ھو ته “تنهنجي اردو ٽٽل ڦٽل آھي”، تڏھن ھو پنهنجو پاڻ کي ڊفينڊ ڪرڻ بدران چوندو ھو ته “منهنجو عوام به ٽٽل ڦٽل آھي. ٽٽل ڦٽل عوام منهنجي ٽٽل ڦٽل ٻولي سمجھي وڃي ٿو.” بلڪل اھو ٻوليءَ کان وڌيڪ دل جو دل سان ناتو ۽ رشتو ھو، جيڪو سياسي رومانس جو سبب بڻيو. ڪراچيءَ جو اردو اسپيڪنگ ترقي پسند اڳواڻ معراج محمد خان جو شمار ملڪ جي وڏن مقررن ۾ ٿيندو ھو. معراج محمد خان جڏھن پيپلز پارٽيءَ ۾ ھو، تڏھن ھالا ۾ جلسو ختم ٿيڻ بعد ذوالفقار علي ڀٽي کيس چيو ھو ته، “معراج تنهنجي تقرير وڏي پراثر ھئي پر عوام کي ياد منهنجي تقرير رھندي، ڇو ته مون انهن سان واعدو ڪيو آھي ته مان کين سرڪاري زمين ڏئي، پنهنجي ٻنيءَ جو مالڪ بڻائيندس“.
ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي دور جو سياسي جادو ھو ۽ ھن جي اصولن تي ثابت قدمي ۽ ان جي نتيجي ۾ ھن جو ڦاسي تي چڙھڻ ۽ عوام جي دلين ۾ھن لاءِ ڪڏھن به مٽجي سگھندڙ وفا جو نقش پيدا ٿيڻ به ملڪي تاريخ جو ناقابل فراموش داستان آھي. ذوالفقار علي ڀٽي کان پوءِ ھن جي نياڻي بينظير ڀٽو عوامي اعتبار جي علامت بڻجي اڀري. جيتوڻيڪ ھوءَ پنهنجي والد جيان وزنري نه ھئي ۽ نه ھن ۾ عوام جي جمھوري جدوجھد جو سوشلسٽ رنگ جي سرخيءَ وارو لاڙو ھو پر پوءِ به عزت، پيار ۽ اعتبار جي ٽڪنڊي سان ھوءَ عوام جي سياسي رشتي تي آخر تائين ھلائڻ جي ڪوشش ڪندي رھي. بينظير کي معلوم ھو ته “ڀٽو” صرف ھن جي ذات ناھي پر اھو لفظ عوامي امنگن جو ترجمان آھي. ان لفظ جي پويان عوام جي لڙڪن ۽ لھو جي ڦڙن جو طويل تسلسل آھي. ان لفظ سان عام طور تي پاڪستان جي عوام ۽ خاص طور تي سنڌ جي ماڻھن ڪيتري محبت ڪئي؟ ان جي الڳ تاريخ آھي. اھو لفظ استعمال ڪندي اقتداري سياست جيڪي دوکن ۽ دلبن جا انداز اپنايا، انهن جي ڀرپور ابتدا بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ ٿي. بينظير ڀٽو اندرا گانڌي وانگر ھڪ عملي سياستدان ھئي پر ھن جي سياست ۾ پوءِ به ڌرتي جي سڳنڌ ھئي. ڌرتيءَ جي اھا سڳنڌ جنهن جو تذڪرو نهرو پنهنجي ڪتاب “ڊسڪوري آف انڊيا” ۾ ڪيو ھو ۽ ڌرتيءَ جي اھا خوشبو جنهن جو احساس ڏيارڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ “ماءِ ڊيئريسٽ ڊاٽر” جي نالي سان ننڍي ڪتاب جيترو وڏو خط تحرير ڪيو ھو، جنهن ۾ ھن پنهنجي پياري ڌيءَ کي سندس سالگرھ جي موقعي تي موھن جي دڙي جي عظيم انڊس ويلي سولائيزيشن جو تحفو پيش ڪندي کيس چيو ھو ته سياست جي جنت عوام جي پيرن ھيٺان ھوندي آھي. ان خط ۾ ذوالفقار علي ڀٽي اھو به لکيو ھو ته نظريا ۽ نعرا پوئتي رھجي ويندا آھن پر عوام جي امنگن جي سرھاڻ سدا قائم دائم رھندي آھي.
سو! ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ به سنڌ جي عوام ۾ اھو ويساھ سدائين قائم رھيو ته عوام لاءِ پنهنجو خون ڏيندڙ ھي خاندان ڌرتيءَ ۽ ڌرتي ڌڻين سان ڪڏھن ڪو دوکو نه ڪندو. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته سوين سياسي تنقيدون ھجڻ جي باوجود به بينظير ڀٽو عوام جي ان اعتبار کي قائم رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر جڏھن عوامي سياست جي جمھوري مشعل اجھائي وئي ته پوءِ ھن پڄاڻان سياسي تاريڪيءَ جو جيڪو دور شروع ٿيو ۽ جيڪو دور ھن مھل تائين ھلي رھيو آھي، ان ۾ عوامي اعتبار جي ھن وقت ڪھڙي ڪيفيت آھي؟ اھو سوال ھڪ اھڙي آرسي، ھڪ اھڙو آئينو آھي، جنهن ۾ ڏسڻ لاءِ پ پ جي موجوده قيادت کي ھمت واري دل گھرجي.
بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ اقتدار جي مالڪ رھي آھي ۽ پيپلز پارٽي اقتدار جا 18 سال مڪمل ڪري چڪي آھي. يعني 2008 دوران پيدا ٿيل ٻار ھن وقت ووٽ ڏيڻ جي قانوني عمر کي پھچي چڪا آھن. انهن ٻارن سکڻن نعرن ۽ ڪوڙن واعدن کان سواءِ سياست کي ڪنهن ٻي صورت ۾ ڏٺو ئي ناھي. اھي دوکي جي دور جا ٻار ان سياست جون صرف ڪھاڻيون ٻڌن ٿا، جنهن سياست ۾ سر ڏئي به اعتبار جو سر اوچو رکبو ھو. ھي دور جيڪو “ٽيل آف ٽو سٽيز” جي ابتدا ۾ پيش ٿيل دور کان وڌيڪ دردناڪ آھي، ان دور ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ جي سلامتيءَ مٿان خطرن جا پاڇا گھاٽا ٿي ويا آھن.
پيپلز پارٽيءَ چاھي ھا ته ھڪ نسل جيتري اقتداري عرصي ۾ سنڌ کي تاريخي مانُ، شانُ، خوشي ۽ خوشحالي موٽائي ڏئي ھا پر پيپلز پارٽي سنڌ ۾ اھو واعدو به وفا نه ڪري سگھي، جيڪو ان پارٽيءَ جو بنياد ھو. يعني اٽو، لٽو ۽ اجھو! اھو پيپلز پارٽيءَ جو دور ھو، جنهن ۾ سنڌ جا ماڻھو جر کرڻ سبب صاف پاڻيءَ جي حق کان به محروم ٿي ويا پر ھاڻي جڏھن سنڌ جي سرزمين کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش سنجيدگيءَ سان ھلي رھي آھي، تڏھن سنڌ جي ماڻھن لاءِ اھو سوال زندگي موت کان به وڌيڪ اھم بڻجي ويو آھي ته ڇا ھو ان تي اعتبار ڪن ته پيپلز پارٽي ڌرتيءَ جي وحدت مٿان وار کي روڪي، سنڌ جي تاريخي حيثيت کي سلامت رکي سگھندي؟
سنڌ جي آغوش مان ھن وقت اھو نئون نسل تيار ٿي نڪتو آھي، جيڪو بقول اردو شاعر جگنوءَ جي حقيقت کي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ چاھي ٿو، اھو نسل نعرن جي نپل سان مطمئن نه ٿيندو. ان نسل کي تقريرن سان قائل ڪري نه ٿو سگھجي. اھو نسل انٽرنيٽ جي آڱر پڪڙي وڏو ٿيو آھي ۽ ان نسل جي پرورش سوشل ميڊيا جي آغوش ۾ ٿي آھي. ھن نسل کي دوکو ڏيڻ نه صرف مشڪل آھي پر ان جا نتيجا به نقصانڪار ھوندا.
ھن ڀيري سنڌ جي وجود مٿان خطرناڪ وار ٿي رھيو آھي. پيپلز پارٽيءَ جو سياسي، سماجي ۽ تاريخي فرض آھي ته ھوءَ سنڌ جي وجود جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ اقتداري سمجھوتن جي سيج تان لھي، انهن قوتن کي للڪاري جيڪي سنڌ جي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ تي بضد آھن پر ڇا پيپلز پارٽي اھڙو ڪردار ادا ڪندي؟ پيپلز پارٽي جا پير ته ڪئنالن واري اشو تي به ٿڙيل ۽ ٿاٻڙيل نظر آيا ھئا. جيڪڏھن ان دور ۾ پيپلز پارٽي مٿان سنڌ جو عوام ڀرپور پريشر نه وجھي ھا ته پيپلز پارٽي ڪئنالي منصوبن جي مخالفت لاءِ مجبور ٿي نه سگھي ھا. ان ڪري ھن ڀيري به سنڌ جي سلامتيءَ جي جنگ جي سرواڻي سنڌي عوام کي ڪرڻي پوندي. پيپلز پارٽيءَ جو باني قائد به اھوئي چوندو ھو ته “طاقت جو سرچشمو عوام آھي”. اھو عوام جيڪو پيپلز پارٽيءَ کي چوٿون ڀيرو اقتداري تخت تي ويھاري سگھي ٿو، اھو عوام ئي پنهنجي ڌرتيءَ جي تحفظ لاءِ ديوار چين جھڙو ڪردار ادا ڪندو.
پيپلز پارٽي جي سلسلي ۾ چند تلخ سچايون سمجھڻ گھرجن. ڪرپشن سبب پيپلز پارٽيءَ جي ڪلھا ايترا ڪمزور ٿي ويا آھن جو ھاڻي ھو سنڌ جي سلامتيءَ جو بار کڻي نه ٿا سگھن. پيپلز پارٽيءَ جو ماضيءَ وارو ڪردار ھن جي حال جي حقيقت جو ترجمان ناھي. پيپلز پارٽيءَ وٽ ھاڻي اھو ڪيڊر ئي ناھي، جنهن جو جوش ۽ جذبو ٻرندڙ جبلن جھڙو ھوندو ھو. پيپلز پارٽي ان نسل کان محروم ٿي چڪي آھي، جن لاءِ جيل ۽ جلاوطنيون معمولي شيءَ ھيون. جيڪي ٽارچر سيلن ۾ به وڏي آواز سان محبت جا گيت ڳائيندا ھئا. پيپلز پارٽي اڄ انهن مجنوئن کان محروم آھي، جيڪي رت ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار رھندا ھئا. ھي ڪٽيءَ کائو مجنون جن جا ڪاروبار سمنڊ پار وڌي ويجھي رھيا آھن، انهن لاءِ اقتدار “ون مور ڪيڪ” جھڙي فرمائش جو نالو آھي. جڏھن سنڌ جي وجود سان ڪاسائڪي ڪار ٿي ۽ اقتدار جا آسرا اجھامي ويا ته ھي “نو مور ڪيڪ؟” جھڙو سوال اٿاري سنهي گھٽيءَ مان گھوگھاٽ ڪندا ويندا.
سنڌ جي نئين توڙي پراڻي نسل کي سمجھڻ گھرجي ته ھيءَ اڃ بک اجھائڻ بدران صرف آسرو ڏئي چپ ڪرائڻ واري چوسڻي جھڙي سرڪار آھي. ان سرڪار جي آسري تي دودي ۽ دريا خان جي ڌرتيءَ جي سلامتيءَ جي پڪ سوچي اھڙي ننڊ نه ڪجي، جنهن جي نصيب ۾ ناڪاميءَ جي پيڙا ھجي. ھن وقت سنڌ جي سامھون اھا صورتحال آھي، جنهن صورتحال جو تذڪرو ڪندي لطيف لکيو ھو:
”بندر جان ڀئي، سکاڻيا مَ سمھو
ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن ماٽيءَ منجھ مَھي،
ايڏو سور سھي، ننڊ نه ڪجي ناکئا“