سياسي پارٽيز جو بيانيو سچ ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ غلط به ٿي سگهي ٿو، فيصلو عوام کي ڪرڻ ڏيو: انوار الحق ڪاڪڙ

ڊسمبر 19, 2023

ڪوئيٽا: نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿينديون، چونڊون اليڪشن ڪميشن کي ڪرائڻيون آهن

ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت تي داغ لڳڻ واري ڳالهه مناسب ناهي

هن چيو ته سياسي پارٽيز جو بيانيو سچ ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ غلط به ٿي سگهي ٿو، فيصلو عوام کي ڪرڻ ڏيو

نگران وزير اعظم چيو ته جن کي ليول پليئنگ ملي، اُهو ڪهڙو داغ کڻي ويا

بلوچستان ۾ ڌانڌلي بابت سوال تي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته بلوچستان جي هر تڪ تي مضبوط اميدوار واضح آهن، ڪا اهڙي شئي نه ٿيندي جو نئين پارٽي ٺهي وڃي ۽ 25 کان 30 سيٽون کڻي وڃي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪوهلي کان رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جي درخواست

  • ويسٽ انڊيز پاران آسٽريليا خلاف ٽي- 20 سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان

  • آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ،ڪو به پاڪستاني ٽاپ 10 ۾ شامل نه ٿيو

  • ف م لاشاري جي ورسي، “ ڏٺي ڏينهن ٿيام” جي مهورت