سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران لشڪر خلاف ڪارروائي تي اتفاق: ٽاسڪ فورس قائم: پي ٽي آءِ سياسي پارٽي نه پر فتنو آهي: وزيراعظم
نومبر 30, 2024
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) وزير اعظم شهباز شريف مستقبل ۾ شرپسندن جي اسلام آباد آمد کي روڪڻ، گذريل ڏينهن ۾ وفاقي راڄڌاني ۾ انتشار ۽ فساد پکيڙيندڙن جي نشاندهي ڪرڻ، انهن خلاف موثر ڪارروائي ڪرڻ لاءِ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سياسي پارٽي نه پر فتنو، تخريبڪاريءَ جو هڪ جٿو ۽ گروهه آهي. انهن جٿن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا. تفصيل موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، وفاقي وزير خواجا محمد آصف، احد خان چيما، اعظم نذير تارڙ، عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف، پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏيو ته جيئن اسلام آباد ۾ افراتفري ۽ انتشار پکيڙيندڙن جي نشاندهي ڪري انهن خلاف موثر ڪارروائي ڪئي وڃي. قانون ۽ انصاف وارو وزير اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سيڪيورٽي فورسز جا نمائندا به ان ٽاسڪ فورس ۾ شامل هوندا. ٽاسڪ فورس ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته 24 نومبر تي افراتفري پکيڙڻ ۽ پرتشدد واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪئي ويندي ته جيئن کين قانون موجب سزا ڏياري سگهجي. وزيراعظم مستقبل ۾ ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي افراتفري کي روڪڻ لاءِ وفاقي اينٽي رائٽس (رائٽس ڪنٽرول) فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اينٽي رائٽ فورس کي عالمي معيار جي پيشه ورانه صلاحيتن ۽ سامان سان ليس ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي فرانزڪ ليب قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. وفاقي فرانزڪ ليب ۾ اهڙن واقعن جي جاچ ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ اسلام آباد سيف سٽي پروجيڪٽ کي جديد بڻائڻ، فيڊرل پراسيڪيوشن سروس کي مضبوط ڪرڻ ۽ افرادي قوت وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته الحمدلله پاڪستان استحڪام طرف وڌي رهيو آهي. پاڪستان جي استحڪام ۽ ترقي جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. خيبرپختونخوا بهادر عوام جو صوبو آهي، چند انتشار پسند ماڻهو پرامن ۽ پرجوش پختونن جي نمائندگي نٿا ڪري سگهن. خيبرپختونخوا سميت سمورن پاڪستانين 24 نومبر جي لشڪر ڪشي کي رد ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي تحفظ ۽ ان جي معاشي ۽ قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي اهڙين ڪوششن کي روڪڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته اها سياسي پارٽي نه پر فتنو ۽ تخريبڪاري جو ٽولو آهي. هن پارٽي جو باني مٿي کان پيرن تائين ڪوڙو آهي، 4 ڏينهن اڳ خيبرپختونخوا کان هڪ جٿو هتي آيو هو، اهو ڪي پي ڪي صوبي جي مالي وسيلن ۽ سامان سان ليس هو. جنهن ٽولي اسلام آباد ۾ تباهي مچائي، گوليون هلايون، هڪ پوليس اهلڪار ۽ رينجرس جي جوانن کي شهيد ٿي ويو، پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچايو، هڪ محتاط اندازي موجب 190 کان ارب روپين کان وڌيڪ نقصان پهتو. ان کان وڌيڪ دنيا جي آڏو تماشو لڳائي پاڪستان جو نالو بدنام ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز چيو ته هي پهريون واقعو ناهي، گذريل 9 مهينن ۾ وفاق جي خلاف هي چوٿين لشڪرڪشي ڪئي وئي آهي. 2014ع کان اڳ اِن قسم جي ناپاڪ ارادي جو ڪو سوچي به نه سگهندو هيو. البته ان جي بنياد سال 2014 ع ۾ رکيو ويو. 126 ڏينهن پاڪستان جي بدنامي ۽ معيشت کي تباهه ڪيو ويو. اهڙي تخريبڪاريءَ جو ڪو مثال نه ٿو ملي. وزيراعظم چيو ته شنگهائي ڪانفرنس دوران به هنن چڙهائي ڪئي، سعودي وفد جي دوري دوران ڌمڪيون ڏنيون ويون، بيلاروس جي صدر جي دوري دوران 24 تاريخ تي احتجاج جو اعلان ڪيو ويو. اِن جي پٺيان تخريبڪاريءَ جي سوچ آهي. وزيراعظم چيو ته آهستي آهستي حالتون ٺيڪ ٿي رهيون آهن، مان اهو نٿو چوان ته کير ۽ ماکي جا درياهه وهي رهيا آهن، پر معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، مهانگائي هيٺ اچي رهي آهي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ڏيڍ لک جي سطح تي پهچي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جا دشمن هي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا ته ڇا اسان کين ائين ڪرڻ ڏينداسين؟ اهڙا موقعا اڪثر نه ايندا آهن، الله اسان کي موقعو ڏنو آهي، اسان کي سنجيدگيءَ سان سوچ ۽ عمل سان اڳتي وڌڻو آهي. خيبرپختونخوا حڪومت روزانو سازشون ڪري رهي آهي، انهن کي پرواهه ناهي ته ملڪي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، مهانگائي ۽ پاليسي ريٽ هيٺ اچي ويا آهن، دوست ملڪ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا، پر هنن جو هڪ ئي ايجنڊا آهي ته سڀ ڪجهه برباد ڪجي. وزيراعظم چيو ته مان سمجهان ٿو ته وفاقي حڪومت جا سينيئر هتي ويٺا آهن، آرمي چيف پنهنجي پوري ٽيم سان گڏ ويٺو آهي، سڀني گڏجي وڏي ڪوشش ڪئي آهي، مان توهان سڀني جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان. وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ جو نالو وٺڻ کان بنا چيو ته اها ڪا سياسي پارٽي ناهي، اها بغاوت ۽ تخريبڪاريءَ جو گروهه آهي، سڀني خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گهرجي، انهن خلاف ٺوس بنيادن تي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اها وطن دشمني آهي، اها اسان جي قومي ذميواري آهي، جيڪڏهن اڄ اسان انهن جو چهرو نه ڏيکاريو ته تاريخ اسان کي خراب لفظن ۾ ياد ڪندي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت انهن 8 مهينن ۾ پنهنجي صوبي جي عوام لاءِ ڇا ڪيو، عوامي منصوبن تي ڪيترو ڌيان ڏنو ۽ ان دوران اسلام آباد تي حملو ڪري پاڪستاني معيشت کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو. ڇا پاڪستان کي هن جَٿي حوالي ڪرڻو آهي؟. هن تخريبڪار پارٽيءَ جي حوالي ڪرڻو آهي يا اسان کي پاڪستان ٺاهڻو آهي ۽ ان کي خوبصورت بڻائڻو آهي. هن چيو ته پارا چنار ۾ قتل عام تي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي پر افسوس جو مقام آهي جنهن کي حڪومت ملي اها تحريڪ انصاف نه پر انصاف جي قتل جي تحريڪ آهي، اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻي آهي. انهن کي فقط ايتري پرواهه آهي ته پاڪستان کي تباهه ڪيئن ڪرڻو آهي. ملڪ جي معيشت کي ڪيئن ڪيرائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته اهڙي صورتحال ٻيهر نه پيدا ٿئي.