سياسي ۽ مالي فائدن لاءِ جعلي خبرون ڦهلائيندڙن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، حڪومت زهر اوڳاڇيندڙن خلاف قانونسازي ڪري: فوجي قيادت
ڊسمبر 6, 2024
راولپنڊي (م ڊ) فوجي قيادت چيو آهي ته سياسي ۽ مالي فائدن لاءِ جعلي خبرون پکيڙيندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ضروري آهي، حڪومت اظهار جي آزادي جي اوٽ ۾ بي لغام زهر اوڳاڇيندڙن خلاف سخت قانون ٺاهي ۽ اُنهن تي عمل ڪري، آرمي چيف جنرل عاصم منير جي سربراهي ۾ 84هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي، فورم پاران ملڪ ۾ امن لاءِ شهادتون ڏيندڙ پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي جڏهن ته آرمي چيف ملڪي سلامتي ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج جي پيشيوراڻين مهارتن جي اهميت تي زور ڏنو، فورم پاران اسلا۾ آباد ۾ اهم سرڪاري عمارتن جي حفاظت لاءِ پاڪ فوج جي مقرري خلاف پروپگئنڊا تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته اها پروپگئنڊا ڪجهه سياسي ماڻهن جي ناپاڪ ارادن جي تسلسل جي عڪاسي ڪري ٿي، اِن پروپگئنڊا جو مقصد عوام، فوج ۽ ادارن وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ آهي، پرڏيهي ڌُرين جي مدد سان ڪيل پروپئگنڊا جون ناپاڪ ڪوششون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون، ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته ذاتي مفادن لاءِ شهرين کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ۽ تشدد کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ واري ڪوشش کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، فورم پاران پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ لاءِ دشمن قوتن جي چُرچ تي ڪم ڪندڙ دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي بي اثر ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ويو ته دهشتگردن خاص طور فتنه خوارج جي پاڪستان خلاف افعان سرزمين جي استعمال تي ڳڻتي آهي، گڏيل ترقي ۽ فائدي حاصل ڪرڻ تي ڏيان ڏيڻ ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي بهتر مفاد ۾ آهي، ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته افغان عبوري حڪومت کي پنهنجي ڌرتي دهشتگردي جي استعمال کان روڪڻ لاءِ واضح قدم کڻڻ جي ضرورت آهي . آءِ ايس پي آر موجب فورم ڪشميري عوام لاءِ پاڪستان جي لاڳيتو سياسي ، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪندي ڀارت پاران والايل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزي جي مذمت ڪئي، ڪانفرنس ۾ شريڪ قيادت فسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي غزا ۾ جاري ظلم جي ڀرپور مذمت ڪندي امن لاءِ عالمي ڪوشش جي پڻ حمايت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان ۾ دهشتگردن خاص طور بي ايل اي مجيد برگيڊ خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو پڻ عزم ورجايو، فورم غيرقانوني سرگرمين خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ حڪومتي ڪوشش جي حمايت جاري رکڻ ۽ دهشتگردي ۽ ڏوهن جي ڳٺ جوڙ کي ختم ڪرڻ ۾ حومتي قدمن جي پڻ حمايت ڪئي.