سيالڪوٽ ۽ حيدرآباد جي سٺي قيمت ملڻ تي ملتان سلطان کي به وڪڻڻ جو فيصلو

سيالڪوٽ ۽ حيدرآباد جي سٺي قيمت ملڻ تي ملتان سلطان کي به وڪڻڻ جو فيصلو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ملتان سلطانز کي به نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب پي سي بي اعلان ڪيو هو ته هو پي ايس ايل 11 ۾ ملتان سلطانز جا معاملا پاڻ هلائيندو، جڏهن ته هاڻي نئين اڳڀرائي موجب پي سي بي هاڻي ملتان سلطانز کي به وڪرو ڪرڻ جو فيصلوڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل جي ٻن نئين ٽيمن جي نيلامي پي سي بي جي اميدن کان وڌيڪ هئي، سٺي قيمت ملڻ جي ڪري هاڻي ملتان سلطانز کي به نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن اهو به چيو ته پي سي بي جو خيال آهي ته ملتان سلطانز کي وڪڻڻ لاءِ هن کان بهتر وقت ڪو به ناهي، ملتان سلطانز وٽ به هڪ کليل واڪ ٿيندو جنهن لاءِ جلد ئي هڪ اشتهار ڏنو ويندو ۽ قانوني پهلوئن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ جلد ئي سرڪاري اعلان ڪيو ويندو. دلچسپي رکندڙ پارٽيون ملتان سلطانز کي خريد ڪرڻ لاءِ اڳتي آيون آهن، جنهن کان پوءِ پي سي بي کي نيلامي ۾ ملتان سلطانز جي سٺي قيمت ملڻ جي اميد آهي.