| سياڻپ ڳچي پئجي وئي: فراڊي ٽولي کي سزا |
لاس اينجلس (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ ٽن ماڻهن کي سزا ٻڌائي وئي، جن رڇ بڻجي ڪارن تي حملو ڪيو ۽ پوءِ ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ انشورنس جو مطالبو ڪيو. الفيا زڪرمن، روبين تمرازين ۽ وهي مرادخانين کي گذريل خميس تي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ انشورنس فراڊ جو ڏوهاري قرار ڏنو ويو ۽ 180 ڏينهن جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي. جڏهن ته ڪيس ۾ ملوث چوٿين شخص ارارت چرڪينين بابت شروعاتي ٻڌڻي سيپٽمبر ۾ ٿيڻ واري آهي. هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب چئن ماڻهن ٽن مختلف ڪمپنين کي ڪارن تي ٽن جعلي حملن جون وڊيوز جمع ڪرايون، پر هڪ جاچ ٽيم ڏٺو ته رولز رائس تي حملو ڪندڙ رڇ انسان وانگر هلي رهيو هو. ڪيليفورنيا ڊپارٽمينٽ آف انشورنس جي ڪمشنر ريڪارڊو لارا هڪ پريس رليز ۾ چيو ته اهو ڪيس جيڪو ناقابل يقين هو اهو ڪيس ثابت ٿيو. هن چيو ته انشورنس فراڊ هڪ سنگين ڏوهه آهي جيڪو صارفين لاءِ قيمتن ۾ واڌ جو سبب بڻجندو آهي ۽ ڪو به ڏوهه ايترو معمولي ناهي جو ان جي جاچ ڪئي وڃي.