سيبس ۾ داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ: 204 اميدوارن امتحان ڏنو

سيبس ۾ داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ: 204 اميدوارن امتحان ڏنو

ڄامشورو(رپورٽر) شهيدالله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيج، ڄامشوري ۾ آرٽ اينڊ ڊيزائن ڊگري پروگرامن ۾ داخلا لاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ انٽري ٽيسٽ 26-2025ع ڪاميابي سان منعقد ڪئي وئي. ملڪ جي مختلف صوبن ۽ علائقن مان ڪل 204 اميدوارن ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪئي، انٽري ٽيسٽ دوران 50 سيڪڙو سيٽون سنڌ سان واسطو رکندڙ اميدوارن جڏهن ته باقي 50 سيڪڙو پاڪستان جي ٻين صوبن ۽ علائقن جي اميدوارن لاءِ مخصوص ڪيون ويون. سيبس يونيورسٽي ڄامشوري ۾ فائن آرٽ، ٽيڪسٽائل ڊيزائن، ڪميونيڪيشن ڊيزائن، آرڪيٽيڪچر ۽ پلاننگ، فيشن ڊيزائن، سيرامڪ ڊيزائن، پراڊڪٽ ڊيزائن ۽ انٽيريئر ڊيزائن ۾ انڊر گريجوئيٽ پروگرامن لاءِ اميدوارن ٽيسٽ ڏني. ٽيسٽ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو: ڪمپيوٽرائيزڊ ايپٽيٽيوڊ ٽيسٽ ۽ ڊرائنگ. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، انتظامي ڪاميٽي جي ميمبرن سان گڏ انتظامن جي نگراني ۽ ٽيسٽنگ جي عمل جو جائزو ڪرڻ لاءِ داخلا ٽيسٽ بلاڪن جو دورو ڪيو. ان دوران پروفيسر ڊاڪٽر ڀٽو شاگردن سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي پنهنجي تخليقي صلاحيتن ۽ جستجو کي ايمانداري سان اڳتي وڌائڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سيبس يونيورسٽي آرٽ، ڊيزائن ۽ آرڪيٽيڪچر ۾ معياري تعليم ذريعي تخليقيت ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.