سيتاروڊ ويجھو ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڀائرن سميت 3 ڀاتي قتل، ڌريون مورچا بند، علائقي ۾ ڇڪتاڻ
اپريل 11, 2025
سيتاروڊ(رپورٽ: امتياز احمد ٻگهيو) سيتاروڊ ڳوٺ نظام آباد ڀرسان جتوئين جي ڳوٺ ۾ جهيڙو ٿي پيو. نتيجي ۾ مهمان ٿي آيل 35 ورهين جو علي اڪبر بڙدي ۽ ٻن ڀائرن ماجد علي ۽ اختيار علي سميت 3 ڄڻا قتل ۽ هڪ ڄڻو دائود اسلام جتوئي پٺاڻ زخمي ٿي پيو. زخمي دائود اسلام ۽ فوتي علي اڪبر بڙدي جو لاش سيتاروڊ سرڪاري اسپتال آندو ويو، جڏهن ته ٻن ڄڻن جا لاش ڪيتري ئي دير تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا. زخمي دائود اسلام علاج دوران سيتاروڊ سرڪاري اسپتال ۾ ”ٽائيم نيوز“ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٻارن جي معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿيو آهي. جنهن تان منهنجي مامي خالد جتوئي سندس ٻن پٽن احسن ۽ منصور اسانجي ڌر جا 3 ڄڻا قتل ڪيا آهن. آء زخمي ٿيو آهيان. آخري اطلاعن تان ٻين مقتولن جا مڙھ واقعي واري هنڌ پيل هئا. جتي فائرنگ جو سلسلو هلندڙ هو. آخري اطلاعن تائين ايس او سيتاروڊ خليل رحمان مسڻ هڪ ڄڻي علي اڪبر بڙدي جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻين جي قتل جي ڄاڻ ناهي. سندس چوڻ آهي واقعو راڌڻ ٿاڻي جي حد آهي آء شهر کان ٻاهر آهيان. زخمي دائود اسلام سيتاروڊ سرڪاري اسپتال ۾ علاج دوران 3 ڄڻن جي قتل جي تصديق ڪندي چيو ته مقتول ماجد ۽ اختيار ميرالي پاڻ ۾ ڀائر آهن جنهن ۾ ماجد منهنجو سالو ۽ ڀيڻيوو به آهي. جڏهن ته علي اڪبر بڙدي منهنجو سنڍو آهي. هن ٻڌايو ته منهنجي ڌاري ذات مان شادي ٿيل آهي. عيد کانپوء منهنجي گهر واري جا مائٽ گهمڻ لاء مون وٽ آيا ته ٻارن جي معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿيو. اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي. علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب ڳوٺ جا ماڻهو شديد خوف ۾ گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، جڏهن ته آسپاس جي ڳوٺن ۾ به خوف جي فضا ڇانيل آهي.
8 ڪلاڪن بعد راڌڻ پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪرايا
سيتاروڊ: جتوئي _ پٺاڻ برادري ۾ ٿيل خونريزي جهيڙو افسوسناڪ واقعي ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن مان ٻن ڀائرن اختيار ميرالي ۽ ماجد ميرالي جا لاش پوليس نه پهچڻ ڪري اٺ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت واقعي واري هنڌ پيل رهيا. جنهن کانپوء راڌڻ پوليس سيتاروڊ هيلٿ سينٽر مان ايمبولنس گهرائي لاش کڻن لاء واقعي واري هنڌ پهچي پهنجي تحويل ۾ ورتا. جيڪي پوسٽ مارٽم لاء ميهڙ روانو ٿيا. معلوم ٿيو آهي ته واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ دائود اسلام جتوئي پٺاڻ جي شادي ميرالين مان ٿيل آهي، جڏهن ته سندس هڪ ڀيڻ ميرالي برادري ۾ ڏنل به آهي، واقعي واري ڏينهن سندس ساهرا جنهن ۾ 2 سالا جنهن مان هڪ ڀيڻيوو به آهي ۽ سندس سنڍو علي اڪبر بڙدي گهمڻ آيل هئا ته ٻارن جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ دائود اسلام جا ٻه سالا ۽ هڪ سنڍو قتل ٿي ويو آهي ۽ هو پاڻ زخمي ٿي پيو آهي. جهيڙيندڙ ڌريون جتوئي پٺاڻ برادري آهن، معلوم ٿيو آهي ته واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ دائود اسلام پٺاڻ جي شادي ميرالين مان ٿيل آهي، جڏهن ته سندس هڪ ڀيڻ بڙدي برادري ۾ ڏنل آهي، واقعي واري ڏينهن سندس ساهرا ۽ ڀيڻيويو گهمڻ آيل هئا ته ٻارن جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ دائود اسلام جا ٻه سالا ۽ هڪ ڀيڻيويو قتل ٿي ويو آهي ۽ هو پاڻ زخمي ٿي پيو آهي. سامهون واري ڌر جتوئي برادري جي آهي، ڇاڪاڻ جو سندس ناناڻا جتوئي ۽ ڏاڏاڻا پٺاڻ آهن.