سيتاروڊ ڀرسان نينگري سم شاخ ۾ ٻڏي فوت، گهر ۾ روڄ راڙو

آگسٽ 20, 2023

سيتاروڊ (ن پ ا ) سيتاروڊ ڀرسان ڳوٺ رامبڪو جي رھواسي روشن علي پليپوٽو جي 9 سالا نينگري صدف سم شاخ ۾ پير ترڪڻ سبب ٻڏي وئي

ٻارن جي دانھن تي ڳوٺاڻن شاخ جي پاڻيَ مان نينگريَ کي ڪڍي بيھوشي واري حالت ۾ سيتاروڊ جي هڪ خانگي اسپتال پھچايو۔ جتي ڊاڪٽر نينگريَ جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي

نينگريَ جو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو۔ سندس امڙ بيحال ۽ ڳوٺ جو ماحول سوڳوار ٿي ويو

Leave A Comment