سيد جي سالگرهه: جسقم پاران مشعل بردار ريلين جو اعلان

سيد جي سالگرهه: جسقم پاران مشعل بردار ريلين جو اعلان

 ملير (رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي 15جنوري تي صوبي ۾ مشعل برادر ريلين جو اعلان ڪيو آهي، ڪالهه جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تقريبن جي انتظامن لاءِ جسقم جي جنرل سيڪريٽري رمضان خاصخيلي، صفدر تنيو ۽ علي انور چانڊيو تي مشتمل ٽي رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي. اجلاس ۾ جسقم ڪراچي ڊويزن لاءِ انعام سيال، حيدرآباد ڊويزن لاءِ عبدالرحمان پيرزادو،  نوابشاهه ڊويزن لاءِ آصف مگسي کي ڪوآرڊينيٽر، ديدار شام کي جسقم چيئرمين جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سائين جي ايم سيد جي شخصيت، سياست، جدوجهد، مطالعو ۽ فڪر سنڌي قوم لاءِ مشعلِ راهه آهي. هوڏانهن جسقم جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ڄاڻايو ته جسقم طرفان 17 جنوري تي سن ۾ وڏو سياسي جلسو ٿيندو، جنهن ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي اهم سياسي اعلان پڻ ڪندو.