سيد جي سالگرهه: 125 قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل

سيد جي سالگرهه: 125 قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل

سن (ن پ ا) جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 122 سالگرھ جي موقعي تي ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي 40 نامي نيٽ ۽ 15 نامعلوم قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،  ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي مختلف قلم لڳائي ايف آءِآر داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته اسان سائين  جي ايم سيد جي مزار وٽ پوليس موبائيل ۾  گشت ڪري رھيا ھئا سين ته سيد زين شاھ صنعان خان قريشي رياض چانڊيو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سارنگ جويو روشن علي ٻرڙوسڪندر سوڍر حامد ڀٽو سورٺ لوھار سھڻي جويو صائما ڀٽو تاج جويو اسلم  خاصخيلي گل راجپر سالار سولنگي اسد سيال حسين سنڌي روھيل لغاري جبران پنھور خادم ٻٻر نياز چنا  سميت 15 پندرهن  نامعلوم ڄڻا ھئا جن کي ڏسي سڄاڻنداسين جن مان چئن ڄڻن جي ھٿن ۾ پسٽل ھئا جيڪي ملڪ پاڪستان ۽  رياست خلاف نعري بازي ڪري رھيا ھئا جن اسان کي ڏسي وڌيڪ نعري بازي شروع ڪئي اسان وڌيڪ نفري گھرائڻ لاءِ ڪال ڪئي سين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سين ته جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ تيش ۾ اچي  پبلڪ ڏانهن وڌيا ۽ الرون ڪري ماڻهن جي گاڏين کي نقصان ڏيڻ جي ڪوشش  ڪئي جنهن ڪري ماڻهن ۾ خوف پيدا ٿي ويو اسان پبلڪ جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندي ھنن کي گرفتار نه ڪيوسين اھڙو ڪيس ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي 55 مختلف قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي رياست خلاف نعري بازي ڪرڻ جو ڪيس  داخل ڪيو ويو آهي.

 ڪنڊيارو(ن پ ا) سائين جي ايم سيد جي سالگرھ ۾ شرڪت ڪندڙن 70 کان مٿي جسقم ڪارڪنن تي ڪيس داخل، ان ڏس ۾  ڪنڊيارو ٿاڻي  تي  جسقم جي 28 سڃاتل ۽ 30/35 اڻ سڃاتل ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ايف آئي آر ۾ حبدار ميربحر ، شڪيل ، شيراز ، طارق ، احسان، رمضان ، شھاب ، محسن ، سليم ، شاھنواز ، صدورو ، مدثر ، مجيب ، مھراڻ ، سھيل ، عزير ، زاھد، رفيق ، نعمان ، صدام ، اياز سھتو، اياز ڏيپر ، الله بخش ، گلشير ، سڪندر ، ماجد ، معراج ڪليري ، علي گل کي نامزد ڪيو ويو