ميرپورخاص ( بيورو رپورٽ) اڳوڻي ايم پي اي سيد عنايت علي شاهه پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو
اڳوڻي وفاقي وزير پير آفتاب شاهه جيلاني جي رھائش گاھ تي پ پ ضلعي صدر مير منور ٽالپر ، ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاه ايم پي اي هري رام ڪشوري لال جي موجودگي ۾ سينيئر سياستدان سيد عنايت علي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير پير آفتاب شاهه جيلاني چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي آھي
ھن چيو ته سيد عنايت علي شاهه جي شموليت سان پارٽي وڌيڪ مظبوط ٿيندي
اڳوڻي ايم پي اي سيد عنايت علي شاهه چيو ته آءُ پهرين به پيپلزپارٽي ۾ هئس مون کي نظرانداز ڪيو ويهو ان ڪري پاڙتي ڇڏي ويو هيس، اڄ وري شموليت ڪئي آهي