| سيد کي حشو پھريان ملي ها ته سنڌ جا سور گھٽجن ھا: خالق |
سڪرنڊ (ن پ ا) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو چيوآهي ته حشو ڪيولراماڻي سنڌ ۽ ھند جو وڏو مھان انسان ھو، جي ايم سيد ۽ حشو ھڪ ٻئي کي استاد چوندا ھئا، جي ايم سيد شروعاتي مذهبي سياست ڪئي جنهن بعد سياست جو رخ تبديل ڪيو جيڪڏھن حشو پھريان ملي ها ته سنڌ جا سور گھٽجن ھا، اڄ سنڌ جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، سنڌ جي نوجوانن کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، ڪالهه ڳوٺ 21 دڌ ۾ اديب حشو ڪيولراماڻي جي 111 سالگرھ جي موقعي تي کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ تي مختلف جڳهن تان ڪاھون ٿيون پر مزاحمت ڪري سنڌ قائم آهي جيڪڏھڻ ھاڻ اسان بہ مزاحمت نہ ڪئي ته تاريخ ۾ اسان کان ضرور پڇيو ويندو. ناليواري دانشور سيد منير شاہه ذاڪري چيو ته حشو ھڪ ڪردار جو نالو ھو جنهن پنهنجي ڌرتيء سان نڀايو آزاد سمون چيو ته حشو کي زبردستي جيل ۾ وجھي سنڌ بدر ڪيو ويو، سندس آخري وقت ۾ لاش به نه مليو سسئي وانگي سنڌ کي ياد ڪندي رڻ ۾ دفن ٿي ويو .