| سيراڻي جي قبرستان تي مبينا قبضو، غيرقانوني اڏاوت، احتجاج |
سيراڻي(ن پ ا) سيراڻي شهر جي مقامي قبرستان اسماعيل شاه تي غير قانوني اڏاوتون ۽ قبضن خلاف سيراڻي جي رهواسين سيد بلن شاه محمد سومرو فياض سومرو ء ٻين پريس ڪلب سيراڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن ته سيراڻي شهر ۾ حددخلين جو آزار وڌي ويو آھي ھتان جا قبرستان به محفوظ نه آھن سيراڻي شھر جي مقامي قبرستان اسماعيل شاه بخاري تي به قبضا گير قبضو ڪري ويهي رهيا آھن قبرن جي تقدس جو به خيال نه ڪيو پيو وڃي جتي قبرن کي مسمار ڪري شهرين دڪان اڏي ڇڏيا آهن هنن عالي اختيارين کان گهر ڪندي چيو ته ته مقامي قبرستان تي قبضا ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري حددخليون ختم ڪرايون وڃن.