سيراڻي ويجهو ٻن ڄڻن کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد، تذليل، وڊيوز وائرل، ڀوتار تي الزام

سيراڻي ويجهو ٻن ڄڻن کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد، تذليل، وڊيوز وائرل، ڀوتار تي الزام

سيراڻي(رپورٽ: شاهنواز چاوڙو) سيراڻي ڀرسان بااثر وڏيري اوطاق ۾ پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي، چوري جي الزام هيٺ ٻن ڄڻن کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد، وڊيوز به رڪارڊ ڪيون ويون، يوسي ڀڳڙا ميمڻ ۾ بجلي جو ٽرانسفارمر چوري جي الزام هيٺ ٽن ڄڻن مولابخش منڌرو، علي محمد منڌرو ۽ ولي محمد ملاح کي پڪڙيو ويو، بااثر فاروق ميمڻ ٽنهي ڄڻن کي پنهنجي اوطاق تي وٺي آيو، هڪ ڄڻي ولي محمد ملاح کي ڇڏيو ويو، علي محمد منڌرو ۽ مولا بخش منڌرو کي هجوم جي سامهون ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ماڻهو وڊيوز رڪارڊ  ڪندا رهيا