| سيراڻي ۾ بدامني ۽ باهه واقعي خلاف هڙتال، سوين ماڻهن جو احتجاج، 5 ڪلاڪ ڌرڻو |
سيراڻي (رپورٽ: شاهنواز چاوڙو) سيراڻي ۾ بدامني ۽ باهه واقعي خلاف شهر جي واپارين شهرين سماجي ڌرين پاران شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري سوين ماڻهو احتجاجن رستن تي نڪري مک پل ميرواهه موري تي پنج ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، انتظاميا خلاف زوردار نعريبازي ڪئي وئي. انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ڊگهي ڌرڻي سبب بدين، ڪڍڻ، ڀڳڙا ميمڻ روڊ بند رهيو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، واپارين حاجن شاھ، صالح رند، صدام منڌرو، مرتضيٰ شاھ, حاجي ستار منڌرو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ چورين جو آزار روز جو معمول بڻجي ويو آھي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، گذريل رات سيراڻي شهر جي واپاري حاجن شاھ جي دوڪان کي پراسرار نموني باھ لڳي هئي اسان بار بار ضلع انتظاميا بدين اي سي بدين سميت فاربرگيڊ گاڏي لاء فونون ڪيون مگر ڪنهن به نه ٻڌي اهيو چيو ويو ته گاڏين جا ٽائر پنڪچر آهن تيل ناهي جنهن کانپوء چار ڪلاڪن پوء گاڏي پهتي تيستائين سڀ ڪجهھ سڙي ختم ٿي چڪو، هنن وڌيڪ چيو ته سيراڻي شهر ۾ بدامني چوريون موٽرسائيڪلن جي ڦر عام آهي رات به شهر ۾ نامعلوم چور ڪئيبن ٽوڙي هزارين روپين جو سامان ٻهاري ويا انهي موقعي تي ضلع ڪائونسل بدين جو وائس چيئرمين فدا حسين منڌرو اي سي بدين راجيش ڪمار,چئيرمين سيراڻي اصغر علي چانگ , ايس ايڇ او بدين پاران ڌرڻو هڻندڙ واپاري اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري ٻن ڏينهن جو وقت وٺي ڌرڻو ختم ڪرايو.