سيراڻي ۾ ثقافتي بهار،  شهري  اجرڪ، ٽوپيون ۽ پٽڪا پائي نڪري پيا، گيتن تي جهمريون لڳي ويون

سيراڻي ۾ ثقافتي بهار،  شهري  اجرڪ، ٽوپيون ۽ پٽڪا پائي نڪري پيا، گيتن تي جهمريون لڳي ويون

سيراڻي (رپورٽ: شاهنواز چاوڙو) ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي سرواڻ ايڪتا ڏينهن جي باني علي قاضي جي سڏ تي “منشيات کان پاڪ سنڌ“ جي سري هيٺ گورنمينٽ هائيير سيڪنڊري اسڪول سيراڻي ۾ ايڪتا ڏينهن ملهايو ويو شاگرد ثقافتي ويس پهري سنڌي ٽوپي ۽ پٽڪا ٻڌي اجرڪون اوڍي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي شاگردن پاران ٽيبلوز خاڪا ۽ تقريرون  سنڌي قومي انقلابي گيت ٻڌائي پروگرام ۾ واھ واھ ڪرائي ڇڏي شاگردن پاران قومي انقلابي گيتن تي جهمريون هنيون. انهيءَ موقعي تي شاگردن حيدرعلي ياسين حسين علي احمد مختيار منٺار محبوب علي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسين علي قاضي کي جس ٿا ڏيون جنهن منشيات کان پاڪ سنڌ جهڙي سلوگن سان ايڪتا ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري اسان ۾ همٿ ۽ جذبو پيدا ڪيو آهي منشيات سنڌ جي نوجوان کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي منشيات جهڙي وبا ڏينهنون ڏينهن انتهائي تيزي سان ڦهلجي رهي آهي نوجوان نسل کي اڏوهي جيان کائي برباد ۽ تباھ ڪري رهي آهي هي 7 ڊسمبر ايڪتا ڏينهن ملهائڻ سان گڏ  منشيات خلاف هڪ سگهارو احتجاج آهي اسان ايڪتا ڏينهن سنڌ جي قومي عيد جو ڏينهن ٽائيم نيوز سان گڏ ملهائينداسين 7 ڊسمبر تي اسين سيراڻي شهر ۾ زبردست ريلي ڪڍي ثقافتي ڏينهن کي منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري هيٺ ملهائينداسين .