سيسي جي گورننگ باڊي جعلي قرار ڏئي عدالت ۾ چئلينج: سعيد غني کان جواب طلبي

سيسي جي گورننگ باڊي جعلي قرار ڏئي عدالت ۾ چئلينج: سعيد غني کان جواب طلبي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سوشل سيڪيورٽي واري اداري جي  گورننگ باڊي خلاف آئيني درخواست تي درخواستگذار جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ليبر واري صوبائي وزيرسعيد غني،  چيف سيڪريٽري، ليبر کاتي جي سيڪريٽري، سيسي ڪمشنر ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪندي 5 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو, درخواستگذار مهراڻ ليبر فيڊريشن جي وڪيل محمد نشاط وارثي عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي فلاحي ادارو آهي، جيڪو مزدورن جي سهڪار سان هلندو آهي، انهي جو بنيادي مقصد مزدورن کي علاج، ۽ دوائن جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي, ٻڌڻي دوران درخواستگذار راحب سميجو جي وڪيل چيو ته انڊسٽريل ايڪٽ 1932/1934 تحت گورننگ باڊي ۾ مزدورن جي نمائندگي لازمي آهي، انهن ميمبرن جي چونڊ حقيقي مزدور نمائندن مان ٿيڻ گهرجي, 18هين ترميم کانپوءِ سنڌ سوشل سيڪيورٽي جي نظام ۾ شفافيت متاثر ٿي آهي، ليبر واري وزير سعيد غني گذريل ڇهن سالن کان گورننگ باڊي ۾ من پسند ماڻهو شامل ڪيا آهن، جنهن سبب مزدورن جي حقيقي نمائندگي نظرانداز ٿي رهي آهي، هيل به جعلي سليڪشن ذريعي گورننگ باڊي جوڙي پئي وڃي, اهو عمل نه رڳو قانون جي ڀڃڪڙي آهي پر مزدورن جي بنيادي حقن ۽ انهن جي نمائندگي جي حق تي به ڌاڙو آهي، هنن استدعا ڪئي ته گورننگ باڊي جو تڪراري نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي مزدورن جي حقيقي ۽ نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي, قانون مطابق شفاف طريقي سان گورننگ باڊي جي ٻيهر جوڙجڪ  ڪئي وڃي.