سيسي مان 84 کان وڌيڪ ملازم ڪراچي، ڪوٽڙي ۽ ٻين علائقن ڏانهن بدلي، عملي ۾ ڳڻتي جي لهر

سيسي مان 84 کان وڌيڪ ملازم ڪراچي، ڪوٽڙي ۽ ٻين علائقن ڏانهن بدلي، عملي ۾ ڳڻتي جي لهر

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽوشن، سرڪل مان ٻه کان 11 هين گريڊ جي 84 ملازمن کي بدلي ڪري ڪراچي، ڪوٽڙي توڙي ڏرانهن علائقن ۾ رپورٽ ڪرڻ جا هڪڙي ڏينهن ۾ ئي آرڊر جاري ڪيا ويا آهن. چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر صلاح الدين ڦلپوٽو جي صحيءَ سان سمورا آرڊر جاري ڪيا ويا. جنهن ۾ هيٺين گريڊ جي ملازمن کي مختلف شهرن ۾ فوري رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. بدلي وارن آرڊرس مطابق نرس شفقت حسين شاهه، لياقت علي، محمد حسن، فراز احمد، حسنين رضا، وارڊ بئريئر خير محمد، وارڊ بواءِ فضل حسين شاهه، خليل احمد کي سيسي لانڍهي اسپتال ڪراچي فوري طور پورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. وارڊ بيريئر امجد علي، وارڊ بواءِ نصير احمد، غلام مرتضيٰ، شهزور اختر، رازم علي، اياز علي شاهه، نرس فهيم علي، محمد علي ۽ ناصر اقبال کي ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ سيسي، ڪي وي اسپتال ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. وارڊ بيريئر عبدالحڪيم کي سيسي ڪوٽڙي اسپتال ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ڊرائيور آصف علي، نائب قاصد محمد رمضان، چوڪيدار قمر الزمان کي سکر مان هيڊ آفيس، جونيئر ڪلارڪ عبدالمجيد سولنگي، چوڪيدار صداقت علي، نائب قاصد عديل احمد کي سکر ڊائريڪٽوريٽ، چوڪيدار عبدالرئوف، محمد رضا کي سٽي ڊائريڪٽوريٽ ۽ مالهي عبدالرسول، نائب قاصدر ڌڻي بخش، چوڪيدار حاڪم الدين کي ايف بي اي ڊائريڪٽوريٽ مقرر ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح جونيئر ڪلارڪ عمر فاروق، ڊرائيور اختيار علي، نائب قاصدر فرقان احمد، چوڪيدار نادر حسين، عمير احمد، سجاد علي کي ڪورنگي سرڪل ۽ چوڪيدار نثار احمد، عبدالشڪور، نعيم احمد کي سائيٽ سرڪل ۾ بدلي ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو ويو آهي. ساڳي ريت مجموعي طور تي 84 ملازمن جن مان اڪثريت هيٺين گريڊ جي ملازمن جي آهي انهن کي مختلف علائقن ڏانهن بدلي ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب وزارت جو قلمدان تبديل ٿيڻ کانپوءِ پسند نا پسند ۽ عملدارن وچ ۾ تڪرارن جي بنياد تي اِن قسم جون بدليون ڪيون ويون آهن. نتيجي ۾ هيٺين گريڊ جا گهٽ پگهارون رکندڙ ملازم سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. جن پاران صوبائي وزير سعيد غنيءَ کان نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اِن حوالي سان رابطو ڪرڻ تي چيف ڪمشنر سيسي صفدر رضوي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته مان اوهان کي ڪجهه به ٻڌائڻ جو پابند ناهيان، پنهنجي اختيارين کي ئي ڪارڻ ٻڌائي سگهان ٿو. چيف ڪمشنر پاران موقف ڏيڻ کان انڪار بعد چيف ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ ڊاڪٽر صلاح الدين ڦلپوٽو جنهن جي صحيءَ سان آرڊر جاري ٿيا آهن اُن سان موقف معلوم ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو. جنهن ٻڌايو ته ڄاڻايل ملازمن کي پنهنجي اصل پوسٽن تي مقرر ڪيو ويو آهي، ڪجهه اضافي ملازمن کي به بدلي ڪيو ويو آهي. آفيس جي معمول ڪم مطابق بدليون ٿيون آهن اِن پٺيان ٻيو ڪو ڪارڻ ناهي.