ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ليبر کاتي جي ماتحت اداري سيسي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن وارو معاملو، ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ سرڪل آفيسر حفيظ جتوئي کي اداري مان نيڪالي ڏني وئي
رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب اڱاري واري ڏينهن چيف سيڪريٽري طرفان ليبر کاتي جي ماتحت اداري سيسي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن واري معاملي تي محمدخان ابڙو، ڊاڪٽر سعادت ميمڻ، نادر ڪناسرو، ممتاز شيخ سميت سيسي جي 13 آفيسرن خلاف اوپن انڪوائري جي منظوري ڏني وئي هئي
محمد خان ابڙو ۽ سيسي جي ٻين 13 آفيسرن خلاف جاچ ڪندڙ اينٽي ڪرپشن جي آفيسر عبدالحفيظ جتوئي کي هاڻي اداري مان نيڪالي ڏني وئي آهي، اينٽي ڪرپشن چيئرمين عثمان غني صديقي طرفان حفيظ جتوئي کي نيڪالي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، سرڪل آفيسر حفيظ جتوئي کي ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي