سيسي ۾ ڪروڙن جا گهپلا، اينٽي ڪرپشن پول پڌرا ڪري ڇڏيا: محمد خان ابڙو، سعادت ميمڻ سوڌو 13 خلاف جاچ منظور

آگسٽ 1, 2023

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ليبر کاتي جي ماتحت اداري سيسي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن، اينٽي ڪرپشن جي رپورٽ سامهون اچي وئي، ڊاڪٽر سعادت ميمڻ ۽ محمد خان ابڙو سوڌو 13 آفيسرن خلاف جاچ جي منظور ڏني وئي آهي

سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن (SESSI) ۾ گهوٻين جي معاملي تي اينٽي ڪرپشن جي سفارش تي چيف سيڪريٽري طرفان ان وقت جي ڊائريڪٽر پرڪيورمينٽ ڊاڪٽر سعادت ميمڻ، سيسي گورننگ باڊي جي ميمبر محمد خان ابڙو، زاهد بٽ سميت 13 آفيسرن خلاف اوپن انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي

ميڊيڪل آفيسر شاھه محمد نوناري، ڊائريڪٽر ويجيلنس نادر ڪناسرو، ڊائريڪٽر آڊٽ محمد طاهر، ڊائريڪٽر فنانس عامر عطا، ڊپٽي ڊائريڪٽر  مجيب صديقي، ڪمشنر جو پي ايس شاھد علي ميمڻ به شامل آهن

ايم ايس ممتاز شيخ، اڪائونٽس آفيسر نوشاد، ڪيشيئر صديق، ڊپٽي ڊائريڪٽر پرڪيورمينٽ تنوير قادر خانزادا، ميمبر گورننگ باڊي محمد خان ابڙو خلاف به اوپن انڪوائري جي منظوري ڏني وئي

ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن طرفان ڊپٽي ڊائريڪٽر سائوٿ کي خط لکي اينٽي ڪرپشن رولز تحت جلد جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

جعلي سيسي ملازمن جي نالي تي مهانگيون دوائون ڏنيون ويون

اينٽي ڪرپشن موجب جوابدارن تي سرڪاري خزاني ۾ گهوٻيون هڻي جعلي رڪارڊ ٺاهڻ جو الزام آهي، جوابدارن جعلسازي وسيلي سيسي جي فنڊن ۾ خرد برد ڪئي، جعلي سيسي ملازمن جي نالي تي مهانگيون دوائون نامعلوم ماڻهن کي ڏنيون ويون

بنا ٽينڊر جي خريداري ۾ ڪرپشن ڪئي وئي، سيپرا قانونن جي خلاف ورزي ڪئي وئي ۽ بينظير مزدور ڪارڊ ۾ گھوٻيون هنيون ويون

اينٽي ڪرپشن موجب جعلي آڊٽ رپورٽس وسيلي سيسي کي 130 ملين رپين جو نقصان پهچايو ويو، 100 ڪمپنين کي جعلي آڊٽ رپورٽ جاري ڪئي وئي

دوائن جي خريداري واري ڪاميٽي جي منظوريءَ ۽ فارملٽيز پوريون ڪرڻ کانسواءِ دوائن جي خريداري ڪئي وئي، آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا ويا

اينٽي ڪرپشن موجب ڪٻاڙين کي اهم دستاويز غير قانوني وڪرو ڪيا ويا، جعلي ڀرتيون به ڪيون ويون، 11 مئي تي اينٽي ڪرپشن ٽيم سيسي هيڊآفيس تي ڇاپو هنيو، ڊائريڪٽر ايڊمن زاهد بٽ اينٽي ڪرپشن ٽيم سان بدتميزي ڪئي، ڌمڪيون ڏنيون ۽ هيڊآفيس جو مرڪزي دروازو بند ڪري ڇڏيو

85مان 25 وينٽيليٽر جناح اسپتال حوالي

اينٽي ڪرپشن موجب اسٽور ڪيپر امداد علي ٻڌايو ته ڊائريڪٽر پرڪيورمينٽ ڊاڪٽر سعادت ميمڻ 85 مان 25 وينٽيليٽر جناح اسپتال کي ڏئي ڇڏيا، جنهن جي قانون ۾ ڪا گنجائش ئي نه هئي، اهڙي عمل سان اداري کي نقصان پهتو

ڊاڪٽر سعادت ميمڻ ۽ محمد خان ابڙو کي ڪيترائي ڀيرا رڪارڊ ڏيڻ جو چيو پر انهن رڪارڊ نه ڏنو، ڊاڪٽر سعادت ميمڻ ، محمد خان ابڙو ۽ ٻين ملي ڀڳت ڪري بغير ڪنهن بينڪ سيڪيورٽي جي 516 ملين جاري ڪيا، جيڪا ڪانٽريڪٽ ايڪٽ جي سنگين خلاف ورزي آهي

بينظير مزدور ڪارڊ جي نالي تي به گهوٻيون

ڊاڪٽر سعادت ميمڻ، محمد خان ابڙو ۽ ٻين ملي ڀڳت ڪري بينظير مزدور ڪارڊ جي نالي تي ڪيترائي ڀيرا سپليمينٽري گرانٽ جاري ڪئي،  جنهن سان پروجيڪٽ کي وڏو نقصان پهتو

ڊاڪٽر سعادت ميمڻ ۽ محمد خان ابڙو ۽ ٻين جي ملي ڀڳت سان گورننگ باڊي جي اجازت بنا ڪارڊ جي قيمت 1600 مقرر ڪرائي، جيڪا تمام گھڻي قيمت آهي

ادارن کي نقصان، ڪامورن جون ملڪيتون وڌي ويون

ڊاڪٽر سعادت ميمڻ 15 ايڪڙ ڪمرشل زمين 190 ملين ۾ خريد ڪئي، زمين جنهن ڪمپني جي ماڻهو کان خريد ڪئي وئي، اهو محمد خان ابڙي جو فرنٽ مين آهي، ڊاڪٽر سعادت ميمڻ سنڌ سٽي اسپتال جو مالڪ آهي، هن پنهنجا اثاثا ڊڪليئر نه ڪيا

اوپن انڪوائري جي منظوري ڏني وئي

ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن فضل شهزاد عباسي جو چوڻ آهي ته اينٽي ڪرپشن ون جو اجلاس نه ٿيو، پر ڇاڪاڻ ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنا هئا ته ان ڪري سرڪيوليشن ذريعي اوپن انڪوائري جي منظوري ورتي وئي

Leave A Comment