سيشن جج قصور جو ڪيس منتقل ڪرڻ وارو حڪم بحال

سيشن جج قصور جو ڪيس منتقل ڪرڻ وارو حڪم بحال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سيشن ججن جي اختيارن بابت ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي سيشن جج قصور جو ڪيس منتقل ڪرڻ وارو حڪم بحال ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ سيشن ججن جي اختيارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس جمال مندوخيل جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪئي. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا سيشن جج کي ڪيس منتقل ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته فوجداري قانون جي سيڪشن 526 تحت سيشن جج چارج فريم ٿيڻ کان اڳ، جڏهن ته سيڪشن 528 تحت فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ به ڪيس منتقل ڪري سگهي ٿو. وڪيل سيشن جج جي فيصلي تي ڪجهه اعتراض اُٿاريندي چيو ته ڪيس 25 کان 30 ڪلوميٽر پري ٻئي مجسٽريٽ ڏانهن منتقل ڪيو ويو، رستو خراب آهي ۽ منتقلي کان اڳ ٻنهي ڌرين جي راءِ به نه ورتي وئي. ان تي جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ڇا هاڻي عدالت کي ان ڪيس ۾ حڪومت کي روڊ ٺاهڻ جو به حڪم ڏيڻو پوندو.