سيف سان عليحدگي کانپوءِ امڙ اڪيلي سر نپايو: ساره خان

  سيف سان عليحدگي کانپوءِ امڙ اڪيلي سر نپايو: ساره خان

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪار سيف علي خان جي  اداڪاره ڌي  ساره علي خان چيو آهي ته والدين جي عليحدگي کانپوءِ سندس ماءُ امرتا سنگهه اڪيلي سر ٻارن جي پرورش ڪئي. ويجهڙائي ۾ اداڪاره ساره علي خان پنهنجي پُڦي ۽ اداڪاره سوها علي خان جي پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ذاتي زندگيءَ بابت اهم ۽ دلچسپ ڳالهيون شيئر ڪيون.هن چيو ته والدين جي عليحدگي کانپوءِ ڪيئن هڪ مضبوط ”اڪيلي ماءُ“ سندس پرورش ڪئي، انهي تجربي سندس سوچ،  عورت هئڻ واري احساس ۽ خود اعتمادي کي غير معمولي بڻايو. هن وضاحت ڪئي ته سندس زندگي ۾ عورت جو طاقتور تصور پنهنجي ماءُ امرتا سنگهه ذريعي آيو، جيڪا هڪ مضبوط عورت آهي، هوءِ پنهنجي حقن لاءِ آواز اُٿارڻ کان نٿي ڪيٻائي ۽ پنهنجي حق لاءِ اُٿي بيهي ٿي. ساره موجب، سندس ماءُ هڪ اهڙي عورت آهي جنهن وٽ يقين نه ڪرڻ جوڳيون صلاحيتون آهن ۽ جنهن اڪيلي سر پنهنجي ٻارن کي پاليو ۽ تربيت ڏني. ساره علي خان چيو ته سڀني کي سوال ڪرڻ ۽ پنهنجي راءِ جي اظهار جو موقعو ناهي ملندو، تنهنڪري انهن ماڻهن کي ساراهڻ گهرجي، جيڪي ڏکين حالتن باوجود پنهنجو آواز ۽ شخصيت قائم رکندا آهن، واضح رهي ته سيف علي خان ۽ اڳوڻي اداڪاره امرتا سنگهه 2004ع ۾ عليحدگي اختيار ڪئي، ان وقت ساره علي خان جي عمر 9 ۽ پٽ ابراهيم علي خان جي عمر 3 سال هئي،