بئنڪاڪ (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني عورتن SAFF وومينز فٽسال چيمپيئن شپ ۾ تاريخ رقم ڪئي. پاڪستان وومينز فٽسال ٽيم بينڪاڪ ۾ جاري SAFF فٽسال چيمپيئن شپ ۾ سريلنڪا کي 2-3 تان شڪست ڏني.
پاڪستان لاءِ ٽيئي گول عزوه چوڌري ڪيا. هي بين الاقوامي فٽسال مقابلن ۾ پاڪستان جي مردن يا عورتن جي ٽيم جي پهرين فتح آهي. ان کان اڳ پاڪستان پنهنجي پهرين بين الاقوامي وومينز فٽسال ميچ ڀوٽان خلاف 1-1 تان ڊرا ڪئي.