سيف ۽ ڊاڪٽر اي ڪيو اسڪول سسٽم جي ملي ڀڳت:شاگردن کان هزارين رپيا اوڳاڙي

آگسٽ 3, 2023

پيروسڻ (رپورٽر) پيروسڻ ڀرسان ڳوٺ محمد رمضان شيخ واسي پيربخش شيخ پنهنجي پٽ ڏهين ڪلاس جي شاگرد حسن رضا سميت اسلام آباد ۾ واقع ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول سسٽم انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو

پيربخش شيخ چيو ته منهنجو پٽ سيف جي اسڪول ۾ اٺين درجي ۾ پڙهندو هو جتان اسڪالرشپ تي سليڪٽ ٿي اي ڪيو خان اسڪول اسلام آباد پهتو، سيف انتظاميا ۽ اي ڪيو خان وارن انٽر تائين مفت تعليم جو واعدو ڪيو هو، جنهن کان پوءِ مختلف بهانن سان پئسا اوڳاڙڻ شروع ڪيا ويا،  شروعات ۾ شاگردن جي رهائش، بسترو، الماڙي جي مد ۾ 39 هزار ورتا ويا

هن چيو ته شروعاتي سال ۾ 13 هزار ۽ بعد ۾ 14 هزار 5 سو ۽ هاڻي هن سيشن ۾ 19 هزار 2 سو رپيا هر مهيني ورتا پيا وڃن

سيف اسڪول بلال ماڊل اسڪول پيروسڻ جي انتظاميا هڪ رپيو به خرچ نه اچڻ جو چيو ۽ مون پنهنجو پٽ ان آسري اسلام آباد موڪليو پر هر هاڻي هر مهيني پئساورتا پيا وڃن،  پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ ٻارن کي موڪل به نه ٿا ڏين

هن چيو ته سيف انتظاميا وٽ به بار بار دانهيو آهي پر ڪو ٻڌڻ وارو ناهي، فيس نه هجڻ ڪري پنهنجي پٽ کي اسلام آباد به نه ٿو موڪلي سگهان، جنهن سبب پٽ جي تعليم ۽ مسقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي

پيربخش شيخ چيو ته مان غريب مسڪين پورهيت آهيان، روزانو 6 سو رپيا ڏهاڙي آهي ۽ مون ۾ فيس ڀرڻ جي طاقت ناهي، جنهن سبب ڪافي پريشان آهيان، 19 هزار هر مهيني ۽5 هزار جيب خرچي، ٽوٽل 23 هزار موڪل جي صورت ۾ اچ وڃ جو ڪرايو اهو سڀ برداشت ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي

 هن وزيراعلي سنڌ، تعليم جي صوبائي وزير ۽ ايم ڊي سيف کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته فيس معاف ڪري اسان کي پريشانين کان بچايو وڃي

ذريعن موجب پيروسڻ ۽آس پاس جا 25 کان وڌيڪ شاگرد ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول ۾ پڙهندڙ آهن جن جا والدين فيس جي مسئلي سبب پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن

Leave A Comment