| سيلز ٽيڪس رعايت ختم۽ بي آءِ ايس پي رقم ۾ ساڍا 5 هزار رپيا واڌ ڪريو: آءِ ايم ايف |
اسلام آباد: آءِ ايم ايف پاڪستان کان سيلز ٽيڪس ۾ هر قسم جي ڇوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. عالمي مالياني فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ ايف بي آر جي وچ ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بابت ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن. ذرائع موجب آءِ ايم ايف مشن پاڪستان کان سيلز ٽيڪس ۾ هر قسم جي ڇوٽ ۽ استثنيٰ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن بابت تفصيلي ڳالهيون اڄ ڪيون وينديون. آءِ ايم ايف مشن ۽ ايف بي آر عملدارن وچ ۾ اڄ 3 اهم ملاقاتون شيڊول آهن، جن ۾ ٽيڪس وصولين، نون محصولن ۽ ايندڙ مالي سال جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف پاران ايندڙ مالي سال لاءِ 15 هزار 264 ارب رپين جي ٽيڪس هدف تي زور ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته ايف بي آر ان هدف کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف انفورسمينٽ (قانوني عملداري) جي قدمن ذريعي 778 ارب رپين جي اضافي وصولي جو مطالبو به ڪيو آهي. ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ 430 ارب رپين جا نوان ٽيڪس قدم زير غور آهن، جن تي ايف بي آر عملدار آءِ ايم ايف مشن کي تفصيلي بریفنگ ڏيندا ته جيئن ٽيڪس هدايتن ۽ محصولن بابت معاملن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. ان کان علاوه، ايف بي آر ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٽيڪس هدف کي جي ڊي پي جي 11.2 سيڪڙو جي برابر رکڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. ٻئي طرف آءِ ايم ايف سيلز ٽيڪس جي موجوده 22.8 سيڪڙو شرح کي گهٽ ڪري 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز به ڏني آهي، پر ان سان گڏ سڀني قسمن جي ڇوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو برقرار رکيو ويو آهي. آءِ ايم ايف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ 5500 رپين جي واڌ جو مطالبو پڻ ڪري ڇڏيو آهي. ذرائع موجب آءِ ايم ايف رقم 14500 رپين مان وڌائي 20 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. آءِ ايم ايف مشن سان گڏ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي ڳالهيون جاري آهن ۽ مشن کي پروگرام جي سمورن آپريشنز بابت بریفنگ ڏني پئي وڃي. انهن ڳالهين ۾ بي آءِ ايس پي جي سوشل پروٽيڪشن سسٽم (سماجي تحفظ جي نظام) جو جائزو ورتو پيو وڃي. بي آءِ ايس پي عملدارن مشن کي ڪفالت پروگرام ۾ رجسٽرڊ ڊيٽا بابت بریفنگ ڏني آهي. ان کان علاوه خاندانن جي رجسٽريشن، ٽه ماهي رقم ۽ ايندڙ مالي سال جي ضرورتن بابت به ٻڌايو ويو آهي. ذرائع جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال ڪفالت پروگرام جي ٽه ماهي رقم ۾ واڌ ڪئي ويندي. آءِ ايم ايف مشن سان اڄ مجموعي طور تي 4 ملاقاتون شيڊول آهن، جن مان هڪ ملاقات بي آءِ ايس پي ۽ ٽي ملاقاتون ايف بي آر عملدارن سان ٿينديون.