| سيلفي ڪڍڻ دوران جبل تان 130 فوٽ هيٺ ڪريل سياح بچي ويو |
بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) سيلفي ڪڍڻ دوران جبل تان 130 فوٽ هيٺ ڪرندڙ سياح معجزاڻي نموني بچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين جي صوبي هوانگ زو ۾ هڪ سياح ماتو سو هان هوا ينگ جبل جي چوٽي چڙهڻ بعد سيلفيون ڪڍڻ لاءِ ڪيمرا جا مختلف اينگل وٺندو رهيو، سيلفي ڪڍڻ جي شوق سبب شوقين وساري ويٺو ته هو جبل تي موجود آهي، ڪيمرا کي اينگل بڻائڻ دوران هو جبل جي ڪناري واري چوٽي تي پهتو ته اوچتو وڏي ڇپ سندس وزن برداشت نه ڪري سگهي ۽ ٽٽي وئي. ماتو سو هان سيلفي ڪڍڻ ۾ مصروف هجڻ سبب پاڻ سنڀالي نه سگهيو ۽ ڇپ سان گڏ هيٺ ڪري پيو. نوجوان سياح 130 فوٽ جي اوچائي تان ڪرڻ بعد وڻن جي ٽارين ۾ ڦاسي پيو ، ساٿي سياحن هيٺ ڪرندي ڏسي ورتو،جن کيس وڏي جدوجهد بعد بچائي ورتو. بعد ۾ ماتو سو هان سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ رکي ڇڏي جنهن ۾ هن چيو ته هيٺ ڪرڻ وقت لڳو ته اڄ آخري ڏينهن آهي، زندهه بچڻ تي حيران آهيان. سندس چوڻ هو ته هو ڪيترائي ڪلاڪ 15 ميٽرن تائين هيٺ وڻن جي ٽارين ۾ لٽڪيل رهيو.