| سيمي فائنل: سپر اوور: ڀارت زيرو تي آل آئوٽ، وائيڊ بال جي رنس بنگلاديش فائنل ۾ |
دوحا (اسپورٽس نيوز) رائزنگ اسٽارز ايشيا ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ بنگلاديش دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڀارت کي سپر اوور ۾ شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. دوحا ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ ڀارت به 6 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهيون ۽ مقابلو برابر ٿي ويو، پوءِ ميچ جي نتيجي لاءِ سپر اوور جو سهارو ورتو ويو. سپر اوور ۾ ڀارت بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي ٻئي وڪيٽون وڃائي ڇڏيون ۽ بنگلاديش کي رڳو هڪ رنس جو ٽارگيٽ مليو. بنگلاديش هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. سپر اوور جي پهرين بال تي بنگلاديشي رانديگر ياسر علي آئوٽ ٿيو پر ٻي بال وائيڊ ٿي وئي ۽ ڀارت سيمي فائنل هارائي ويو.