سينئر آفيسر نظرانداز: تازو ترقي ماڻيندڙ نواز سوهو سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز مقرر
مَي 17, 2023
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 20هين گريڊ جي سينيئر آفيسرن کي پوسٽنگ ڏيڻ بجاءِ تازو 20هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ نواز سوهو تي نوازش سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز مقرر ڪيو ويو. 3 ڏينهن اڳ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو سيڪريٽري عمران عطا سومرو فوت ٿي ويو هو سنڌ حڪومت پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20هين گريڊ جي نسيم غني سهتو سميت 5 کان وڌيڪ سينيئر آفيسرن کي نظرانداز ڪري تازو 20 هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ نواز سوهو کي سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز مقرر ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ سيڪريٽري جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي