| سينئر اديب ۽ نقاد ممتاز مهر لاڏاڻو ڪري ويو |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو ناميارو اديب، ۽ نقاد ممتاز مهر 84 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، 9 مارچ 1942ع تي سکر ۾ جنم وٺندڙ ممتاز مهر آچر واري رات ساڍي 8 وڳي ڦڦڙن جي عارضي سبب پنهنجي ملير واري گهر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس آخري رسمن ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئرمين شير مهراڻي، رکيل مورائي، عبدالرزاق سروهي، عبدالله سروهي، نصير سومرو، ۽ ٻين شرڪت ڪئي، مرحوم جو مڙهه لياري جي ميوا شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ممتاز مهر ڪهاڻين جا ڪتاب “منزل”, “زندگي جو وهڪرو” ۽ “جڏهن مان چوهٺ جو ٿيندس” ڏنا هئا