سينئر ادڪاره عائشه خان جو هفتو پراڻو لاش هٿ
جُون 20, 2025
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ ) پوليس اداڪاره عائشه خان جي موت بابت شروعاتي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب، عائشه خان جو لاش گلشن اقبال بلاڪ 7 ۾ هڪ فليٽ مان مليو، سندس موت قدرتي آهي ۽ اهو ميڊيڪل رپورٽ کان پوءِ واضح ٿيندو.
پوليس جو چوڻ آهي ته عائشه خان رات دير سان پنهنجي فليٽ ۾ مئل حالت ۾ ملي. فليٽ مان ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪزن ۽ پاڙيسرين جا بيان پڻ ورتا ويا آهن.
پوليس اختيارين موجب، اطلاع آهن ته سندن پٽ پرڏيهه مان ڪراچي روانو ٿي ويو آهي ۽ وڌيڪ ڪارروائي سندس پٽ جي واپسي کانپوءِ ئي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته عائشه خان جي عمر 77 سال هئي. هن ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، سندس مشهور ڊرامن ۾ افشان، عروسه، فيملي 93 ۽ مهندي شامل آهن.
عائشه خان خالده رياض جي وڏي ڀيڻ هئي گذريل ڪيترن سالن کان شوبز جي دنيا کان پري هئي.