| سينئر سياستدان منظور احمد وٽو لاڏاڻو ڪري ويو |
لاهور (م ڊ) پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير ميان منظور احمد وٽو لاڏاڻو ڪري ويو. ميان منظور احمد وٽو گهڻي عرصي کان بيمار هو ۽ سندس لاڏاڻو 95 ورهين جي عمر ۾ ٿيو. ميان منظور وٽو جو واسطو پنجاب جي ضلعي اوڪاڙا سان هو، جڏهن ته هو پنجاب جو وڏو وزير ۽ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر پڻ رهيو. ميان منظور وٽو 3 ڀيرا پنجاب اسيمبلي اسپيڪر جي عهدي تي رهيو ۽ پوءِ پنجاب جو وڏو وزير چونڊيو ويو. سندس لاڏاڻي تي مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن افسوس جو اظهار ڪيو آهي.