سينئر صحافي سهيل سانگي جو پُٽ ۽ نادرا عملدار فياض گم

سينئر صحافي سهيل سانگي جو پُٽ ۽ نادرا عملدار فياض گم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سينيئر صحافي سهيل سانگي جو پُٽ ۽ نادرا ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فياض جنجهي گلبرگ مان گم ٿي ويو، وارثن پاران سندس بازيابيءَ لاءِ پوليس سان رابطو، وارثن موجب فياض جنجهي سومر واري ڏينهن نادرا جي عائشه منزل واري آفيس مان پنهنجي ڪار تي نڪتو هو، جنهن کانپوءِ سندس نمبر بند ٿي ويو، هوڏانهن سينيئر صحافي سهيل سانگي ٻڌايو ته فياض نادرا ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي، فياض سان گذريل  شام جو رابطو ڪٽجي ويو، جنهن بعد ٿاڻي تي درخواست ڏني ۽ سنڌ حڪومت سان به رابطو ڪيو آهي پر اڃا تائين فياض جو ڏس پتو ناهي، سنڌ حڪومت ٻڌائي ته فياض ڪٿي آهي؟ کيس ڪنهن  ۽ ڇو کنيو آهي؟ هن چيو ته فياض جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي، فياض خلاف ڪا انڪوائري به پينڊنگ ۾ نه هئي. ٻئي طرف آءِ جي سنڌ چيو آهي ته نادرا آفيسر فياض جنجهي  جي بازيابي لاءِ هرممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ٻئي  طرف ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي ۽ سيڪريٽري اسلم خان صحافي سهيل سانگي جي پٽ ۽ رياض سهيل جي ڀاءُ فياض احمد جي پراسرار گمشدگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وفاقي گهرو وزير ۽  وڏي وزير کان سندس فوري ۽ محفوظ بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي. هنن چيو آهي ته هڪ سرڪاري آفيسر جو آفيس مان نڪرڻ کانپوءِ اوچتو لاپتا ٿيڻ ڳڻتي جوڳو ۽ سنگين معاملو آهي، جنهن جي فوري، شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ٿيڻ گهرجي.