حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قاسم آباد ۾ پ پ سينيٽر مولابخش چانڊيو جي معصوم پوٽي سوئمنگ پول ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي، پوليس واقعي جي تصديق ڪري ڇڏي
پوليس موجب پيپلز پارٽي جي سينيٽر مولابخش چانڊيو جي پٽ مهراڻ چانڊيو جي نياڻي زينب سوئمنگ پول ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي وئي جنهکي سوئمنگ پول مان ڪڍڻ بعد ٻارڙي کي بيهوش سمجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي
وارث نينگري جو لاش کڻائي قاسم آباد گلشن حبيب واري علائقي ۾ گهر پهتا ته ڪهرام مچي ويو ، پوليس موجب ٽي ايم سي حسين آباد عمير چانڊيو پاران به مهراڻ چانڊيو جي نياڻي جي فوتگي جو اطلاع مٽن مائٽن کي ڏنو پيو وڃي
ٻئي طرف قاسم آباد پوليس جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي آفيس ڪنٽرول روم تان اطلاع مليو جنهن بعد پوليس موبائل کي روانو ڪيو آهي، نينگري زينب چانڊيو سينيٽر مولابخش چانڊيو جي ننڍي پٽ مهراڻ چانڊيو جي نياڻي آهي