سينيٽر نسيم سحر جون 2 مينهون چوري:جهڙپ: سپاهين کي ڪٽڪو 

سينيٽر نسيم سحر جون 2 مينهون چوري:جهڙپ: سپاهين کي ڪٽڪو 

سنجھورو/جهول ( نمائندن وٽان) سنجھوري لڳ جعفر لغاري مان 2 چورايل  مينهون موٽائڻ تان پوليس ۽ ڏوھارين ۾ جھڙپ: 3اهلڪارن کي ڪٽڪو: هڪ سپاهي جو مٿو ڦآٽي پيو، ان ڏس ۾ ڳوٺ نسيم آرائين مان  گذريل رات ڏيڍ وڳي ڌاري سينيٽر ڪامران سحر جي واڙي مان چور 2 مينهون چورائي فرار ٿي ويا پوليس چورن جا پيرا کڻي يوسي جعفر لغاري ۾ دلشير لغاري جي گهرپهچي مينهون هٿ ڪري ورتيون، پوليس  هڪ جوابدار غلام حيدر لغاري کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ٻئي طرف  ايس ايڇ او جھول وري خانگي ماڻھو ساڻ ڪري چوري جي الزام هيٺ آيل جوابدارن جي گھرتي ڇاپو هنيو جنهن تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران 3سپاهين کي ڪٽڪولڳو، سڪ سپاهي جو مٿو ڦاٽي پيو