اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي، ڊپٽي چيئرمين مرزا آفريدي، قائد حزب اختلاف ڊاڪٽر شھزاد وسيم، قائد ايوان اسحاق ڊار ۽ سينيٽر رضا رباني سميت سينيٽ جي 52 ميمبرن جي مدت 11 مارچ تي مڪمل ٿي ويندي، سينيٽ مان ھاڻي فاٽا جون چار ئي سيٽون ختم ٿي وينديون، نئين سينيٽ ۾ ميمبرن جي تعداد 100 مان گھٽجي 96 رھجي ويندي
رپورٽ موجب سينيٽ جا 52 ميمبر 11 مارچ تي رٽائرڊ ٿي ويندا. مجموعي طور تي مسلم ليگ (ن) جي حمايت سان چونڊيل سينيٽرز جي تعداد 13، پيپلز پارٽي 12، پي ٽي آءِ 8، جميعت علماءِ اسلام (ف) 2، پي ڪي ميپ 2، نيشنل پارٽي 2، بلوچستان عوامي پارٽي 6 جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ فنڪشنل سان تعلق رکندڙ ھڪ ميمبر جي سيٽ خالي ٿي ويندي. تحريڪ انصاف جا 17، پ پ جا 9، مسلم ليگ ن جا 5، بلوچستان عوامي پارٽي جا 7، جميعت علماءِ اسلام (ف) جا 3، ايم ڪيو ايم جا 2، اي اين پي جا 2، مسلم ليگ (ق) جو ھڪ ۽ 2 آزاد سيٽ باقي رھجي ويندي
فاٽا انضمام جي بعد سينيٽ مان بقايا فاٽا جي چئن سينيٽرز جي مدت مڪمل ٿيڻ بعد سينيٽ مان فاٽا جون سيٽون ختم ٿي وينديون، اسلام آباد مان 2 سيينٽرز اسد جوڻيجو ۽ مشاھد حسين سيد رٽائر ٿي ويندا
سنڌ مان 12 سينيٽرز رضا رباني، امام الدين شوقين، مولا بخش چانڊيو، سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ، فروغ نسيم، مظھر شاھ، وقار مھدي، خالدا سڪندر ميندرو، رخسانه زبيري، ڪيشو بائي، قرت العين مري ۽ انور لعل رٽائرڊ ٿي ويندا
پنجاب مان رٽائرڊ ٿيندڙن ۾ 12 سينيٽرز قائد ايوان اسحاق ڊار، قائد حزب اختلاف شھزاد وسيم، ڊاڪٽر آصف ڪرماني، رانا محمود الحسن، مصدق ملڪ، شاھين خالد بٽ، وليد اقبال، حافظ عبدالڪريم، نذھت صادق، سيمي ايزدي، ڪامران مائڪل شامل آھن، رانا مقبول جي سيٽ ان جي فوت ٿيڻ سبب خالي ٿي وئي ھئي
ڪي پي ڪي مان 11 رٽائرڊ ٿيندڙ سينيٽرز ۾ بھرمند تنگي، فيصل جاويد، فدا محمد، پير صابر شاھ، طلحه محمود، مشتاق احمد، دلاور خان، اعظم سواتي، مھر تاج روغاني، روبينا خالد شامل آھن، شوڪت ترين جي سيٽ استعيفا بعد پھريان ئي خالي ٿي چڪي آھي
بلوچستان مان 11 رٽائر ٿيندڙ سينيٽرز ۾ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي، احمد خان، مولوي فيض محمد، ڪھدا بابر، محمد اڪرم، شفيق ترين، طاھر بزنجو، نصيب الله بازئي، عابدا عظيم ۽ ثنا جمالي شامل آھن
فاٽا مان چار سيينٽرز ھدايت الله خان، ھلال الرحمان، شميم آفريدي ۽ ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي رٽائر ٿي ويندا
سنڌ ۽ پنجاب مان 12-12، ڪي پي ۽ بلوچستان مان 11-11سينٽر رٽائر ٿيندا
سينيٽ جا 52 ميمبر 11 مارچ تي رٽائر ٿيندا جن ۾ سنڌ مان 12، پنجاب مان 12، ڪي پي ۽ بلوچستان مان 11 سينيٽر رٽائر ٿيندا
چونڊن ۾ ڪاميابي بعد 6سينيٽرز جون سيٽون خالي، 14مارچ تي ضمني چونڊ
عام چونڊن ۾ ڪاميابي بعد 6 سيينٽرز جون سيٽون خالي ٿي ويون آھن جن تي ضمني اليڪشن 14 مارچ تي ٿيندي
پي ٽي آءِ جا 17، پ پ9، ن ليگ5، باپ جا 7 سينيٽر ايوان ۾ رهجي ويندا
سينيٽ ۾ 52ميمبرن جي رٽائر ٿيڻ بعد تحريڪ انصاف جا 17، پ پ جا 9، مسلم ليگ ن جا 5، بلوچستان عوامي پارٽي جا 7، جميعت علماءِ اسلام (ف) جا 3، ايم ڪيو ايم جا 2، اي اين پي جا 2، مسلم ليگ (ق) جو ھڪ ۽ 2 آزاد سيٽ باقي رھجي ويندي