سينيٽ جي اڌ ايوان پاران غيرقانوني شڪار جون درخواستون

اپريل 1, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) موسمي تبديلي واري وزارت لکت واري جواب ۾ سينيٽ جي ايوان کي ٻڌايو ته گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ 2044 گليشيئر بڻجي ويا آهن، 33 گليشيئر پگهرجندڙ برفاني ڇپن جي ڪري ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، ان سان گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ 71 لک ماڻهن کي خطرا آهن، تازي ٻوڏ سبب 38 هزار ايڪڙ ايراضي تي نقصان ٿيو. وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو ته اڌ سينيٽ جي ايوان مان غيرقانوني شڪار جون درخواستون آيون آهن، وڏو دٻاءُ، ٽيليفون ڪالز آهن، چڙيا گهر هاڻي سنڪچورين بڻجي ويو آهي، هن ڀيري اسان ٽريٽي تي نظرثاني ڪئي آهي ۽ هاڻي جانورن جي واپار ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، هاڻي پکين جي غيرقانوني واپار تي پابندي آهي.

 

لاڳاپيل پوسٽون

  • ميرپور ساڪرو واسي نانگ ڪکڻ سبب فوت

  • ڀان سيدآباد ڀرسان حادثو، نينگر سميت 5 ڄڻا زخمي

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • مدئجي ويجهو ٻڏي ويل نينگر جو لاش هٿ