سينيٽ ٺهراءَ جي اڳيان ۽ پويان ڪير به هجي پر اليڪشن 8 فئبروريءَ تي ئي ٿينديون: نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب
جنوري 6, 2024
لاهور: نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته سينيٽ ٺهراءَ جي اڳيان ۽ پويان ڪير به هجي، اليڪشن شيڊول تي عملدرآمد ٿيندو، ٻيون جماعتون ڀل روئن يا رڙيون ڪن، اليڪشن 8 فئبروريءَ تي ٿينديون، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته سينيٽ ۾ سازش تحت ٺهراءَ منظور ڪرايو ويو، ٺهراءَ جي رڳو ن ليگ ئي مخالفت ڪئي، پي ٽي آءِ وارا سازش تحت پهرين لاهور هاءِ ڪورٽ ويا ۽ پوءِ سينيٽ ٺهراءَ جو ساٿ ڏنو، هي ماڻهو اندر خاموش ۽ ٻاهر واويلا ڪندا وتندا آهن، پي ٽي آءِ وارا جيلن مان ويهي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪن، هنن کي عوام هاڻي ووٽ نه ڏيندو، ملڪ جو عوام اليڪشن چاهي ٿو، 9 مئي وارن تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي، هنن کي ڇوٽ تڏهن ملي، جڏهن 9 مئي جي دهشتگرد کي “گڊ ٽو سي يو” چيو ويو، 9 مئي وارو واقعو هاڻي ٻيهر ورجائڻ نه ڏينداسين، ڇاڪاڻ ته ملڪ هاڻي 28 مئي وارن حوالي ٿي چڪو آهي