| سينيٽ چيئرمين لاءِ خريد ڪيل لگزري گاڏي کي نمبر پليٽ ملي وئي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني لاءِ خريد ڪيل لگزري گاڏي رجسٽريشن کانپوءِ نمبر پليٽ لڳائي پارليامينٽ هائوس ۾ بيهاري وئي. بليڪ ٽيوٽو لينڊ ڪروزر کي SEN-9 نمبر پليٽ ڏني وئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق گاڏي درآمد ڪرڻ بدران مقامي طور خريد ڪئي وئي، گاڏيءَ جي خريداريءَ جو فيصلو سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جو هو، گاڏي خريد ڪرڻ لاءِ سينيٽ جي فنانس ڪميٽي مان منظوري ورتي وئي هئي، گاڏي جي بڪنگ گذريل سال 12.5 ڪروڙ رپين ۾ ڪئي وئي هئي، ڪمپني قيمتن ۾ گهٽتائي سبب 3 ڪروڙ واپس ڪيا ويا آهن، چيئرمين سينيٽ گاڏي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر ڪمپني گاڏي واپسي لاءِ راضي نه ٿي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب گاڏي لاءِ خاص سيڪنڊري سيٽ جي سيريز مان SEN-9 نمبر چونڊيو ويو آهي ۽ گاڏي سينيٽ جي ملڪيت آهي جيڪا ضرورت پوڻ تي استعمال ڪئي ويندي،