اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، پيپلز پارٽي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني حڪمران ڌر جو چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي
اليڪشن ڪميشن موجب ملڪ جي اعليٰ ايوان سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي جنهن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن
مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ٿيل ٺاهه موجب پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني کي چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي
ٻئي طرف پي ٽي آءِ پاران سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ جو بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ ترجمان چيو آهي ته اڻپوري ايوان ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ جمهوري قدرن جو قتل آهي
سندس چوڻ هو ته وفاق جي سمورن صوبن جي نمائندگي بنا چونڊون غيرآئيني آهن، اڻپوري اليڪٽورل ڪاليج سان اڻ چونڊيل ماڻهن سليڪشن ۽ ايوانِ بالا جي توهين برداشت نه ڪئي ويندي
هن چيو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ عوامي مئنڊيٽ تي راتاهو آهي، وفاق جي ٿنڀ ڪي پي کي چونڊ عمل کان ٻاهر رکڻ نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش آهي