سينيٽ ۾ بحث: پاڪستان اڳرائي نه ڪندو ڀارت ڪجهه ڪيو ته ڀتر جو جواب پٿر سان ڏينداسين: ڊار

اپريل 30, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان اڳرائي نه ڪندو، پر ڀارت ڪجهه به ڪيو ته سِر جو جواب پٿر سان ڏنو ويندو، پاڪستان جي پاڻي سان ڀارت گڙٻڙ ڪئي ته اُن عمل کي جنگ سمجهيو ويندو، سينيٽ ۾ خطاب ڪندي چيو ته ٻن ڌُرين ۾ اتفاق راءِ کانسواءِ معاهدا ختم نه ٿيندا آهن، شڪ آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ لاءِ هي سڄو ڊرامو ڪيو آهي، هن چيو ته اسان مختلف ملڪن کي صورتحال بابت بريفنگ ڏئي رهيا آهيون، چين ۽ ترڪي خاطري ڪرائي آهي ته هو پاڪستان سان گڏ آهن. هن چيو ته ذميواري سان چوان ٿو ته ڀارت ۾ پھگام ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعي سان پاڪستان جو ڪو تعلق ناهي، ڀارت کي دنيا ۾ ناڪامي ٿي آھي ڪي ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيو آھي، سينيٽ ۾ ڀارتي جارحيت خلاف بحث کي سهيڙيندي هن چيو ته قومي سلامتي ڪاميٽي وانگر سينيٽ به ڀارت کي اتفاق راءِ سان جواب ڏنو، 1965ع ۽ 1971ع جي جنگ ۾ به سنڌ طاس معاهدو معطل نه ٿيو ان کان اڳ پي ٽي آءِ جي سيف الله ابڙو چيو ته سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف ڪاميابي جو ڪريڊٽ سنڌ جي عوام کي وڃي ٿو، ان مامري تي جونيئر ذوالفقار ڀٽو کي سلام پيش ڪيان ٿو، جنهن ذوالفقار علي ڀٽو جي ياد ڏياري. ان کانسواءِ ڀارتي جارحيت خلاف مختلف پارٽين جي سينيٽرن خيالن جو اظهار ڪيو، ايمل ولي خان کي تقرير جو موقعو مليو ته پي ٽي آءِ ميمبرن سخت گوڙ ڪيو، جنهن تي ايمل ولي خان چيو ته ڀارت ۾ ائين گوڙ ڀارتي ميڊيا ڪري پئي هتي هي ڪري رهيا آھن، سينيٽ جو اجلاس اڻ اعلانيل مدت تائين ملتوي ڪيو ويو آھي.

 

Leave A Comment