اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) سينيٽ ۾ سنڌ صوبي مان خالي ٿيل 12 سيٽن تي چونڊ مڪمل ٿيڻ بعد سينيٽ ۾ سنڌ صوبي جي ڪُل 23 سينيٽرز ۾ سنڌي ڳالھائيندڙ سينيٽر اقليت ۾ اچي ويا. سنڌ مان چونڊيل اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ سنڌي ڳالھائيندڙ سينيٽرز کان وڌي ويو
ان حوالي مليل تفصيل موجب سينيٽ ۾ سنڌ جي خالي 12 سيٽن تي ڪالھ چونڊ عمل مڪمل ٿي ويو آھي، جنھن کانپوءِ سنڌ جي سينيٽ ۾ 23 سيٽن تي سينيٽرز سامھون اچي چڪا آھن
سنڌ جي 23 سيينٽرز ۾ سنڌي ڳالھائيندڙ سينيٽرز اقليت ۾ تبديل ٿي ويا آھن اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ سينيٽرز واضع طور تي وڌيڪ تعداد ۾ سامھون آيا آھن
سنڌ جي 23 سينيٽرز ۾ سنڌي ڳالھائيندڙ سينيٽرز جو تعداد رڳو 10 آھي، جنھن ۾ پي ٽي آءِ جو سيف اللھ ابڙو، پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽرز ۾ سنڌي ڳالھائيندڙ ڄام سيف اللھ، اسلم ابڙو، ڪونجو مل، اشرف جتوئي، دوست علي جيسر، ڪاظم علي شاھ، نديم ڀٽو، قرت العين مري، ضمير گھمرو شامل آھن
سنڌ مان چونڊيل اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ سينيٽرز جو تعداد 13 ٿي ويو آھي جنھن ۾ ايم ڪيو ايم جي ٽن ميمبرز خالدا، ولي عامر، فيصل سبزواري، آزاد طور چونڊيل فيصل واوڊا کان علاوا 9 اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ سينيٽرز پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي ويا آھن
پ پ جي چونڊجي آيل اردو ڳالهائيندڙ سينيٽرز ۾ سليم مانڊوي والا، شھادت اعواڻ، فاروق ايڇ نائيڪ، شيري رحمان، تاج حيدر، مسرور احسن، سرمد علي ۽ روبينا قائمخاني شامل آھن