سينيٽ ۾ مختلف بل منظور: پي ٽي آءِ جو احتجاج

سينيٽ ۾ مختلف بل منظور: پي ٽي آءِ جو احتجاج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ ميمبرز اپوزيشن ليڊر جي مقرري نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو. سينيٽر اعظم خان سواتي چيو ته اپوزيشن ليڊر جي مقرريءَ جو عمل آخر رولڙي جو شڪار ڇو آهي؟. ان تي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ جواب ڏيندي چيو ته اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو اختيار پرزائيڊنگ آفيسر وٽ نه پر چيئرمين سينيٽ وٽ آهي. چيئرپرسن سينيٽ جڏهن واپس اچي ته اُن جي آفيس ۾ ملاقات ڪري معاملو حل ٿي ٿي ويندو. ايمل ولي کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرز احتجاج شروع ڪيو. سينيٽر فلڪ ناز چترالي چيو ته اسان ڪافي دير کان ڳالهائڻ جو موقعو گهرون پيا، پر اسان کي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو. ايمل ولي ڳالهائيندي چيو ته هي سينيٽ آهي يا مڇي مارڪيٽ، هي ڪهڙو گند آهي، منهنجو نالو ورتو ويو ته هنن کي تڪليف شروع ٿي وئي. ايوان ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن اپوزيشن ليڊر جا نعرا هڻي احتجاج ڪيو. سينيٽ اجلاس دوران ايف سي تنظيم نو آرڊيننس ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جي منظوري ڏني وئي. ان سان گڏ فيڊرل پراسيڪيوشن سروس ترميمي بل، سي ڊي اي ترميمي بل ۽ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ترميمي بل به منظور ڪيا ويا، جن جي پي ٽي آءِ ميمبرز مخالفت ڪئي. سينيٽ جو اجلاس ملتوي ڪري اڄ صبح ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.